سنڌ حڪومت فوجي عدالتن لاءِ 0 1 ڪيس وفاق کي موڪلي ڇڏيا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت فوجي عدالتن لاءِ 0 1  ڪيس وفاق کي موڪلي ڇڏيا، 3 1  فيبروري تائين وڌيڪ 7 4  ڪيس موڪليا ويندا. سنڌ جي ڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان آءِ جي سنڌ سان آءِ جي غلام حيدر جمالي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ابتدائي طور تي فوجي عدالتن ڏانهن موڪلڻ لاءِ 0 1  ڪيس وفاق کي موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، انهن ڪيسن ۾ ڪارساز، مهراڻ بيس ۽ ايئرپورٽ حملو ڪيس به شامل آهن، ملاقات ۾ چيو ويو ته جمعي تائين وڌيڪ 7 4  ڪيس وفاق کي موڪليا ويندا. ياد رهي ته ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ 0 1  ڏينهن ۾ 7 5  ڪيس وفاق کي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو ۽ آچر تائين ڪو ڪيس نه موڪلڻ تي وفاق طرفان سنڌ حڪومت سان ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو هو ، ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته بلديا فيڪٽري سانحي جي 255 متاثرن مان 252 کي معاوضو ڏنو ويو آهي. وڏي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته بلديا سانحي ۾ شهيد ٿيل ٽن ڄڻن جي وارثن ۾ قانوني مسئلي سبب معاوضي جي ادائگي رڪيل آهي. وڏي وزير چيو آهي ته سانحي جي متاثرن لاءِ وزيراعظم طرفان 4 لک رپيا ۽ سنڌ حڪومت پاران 3،3 لک رپيا ادا ڪيا ويا آهن. بلديا سانحي ۾ 255 ماڻهو سڙي فوت ٿيا هئا پر ان ۾ ملوث دهشتگردن کي اڃا تائين ڪابه سزا نه ملي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رينجرز جي آءِ ٽي جي رپورٽ پيش ڪندي چيو هو ته فيڪٽري ۾ باهه لڳي نه هئي پر باهه لڳائي وئي هئي، جنهن ۾ هڪ سياسي پارٽي جو گروپ ملوث آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *