سنڌ حڪومت غير تصديق ٿيل هٿيارن جا لائسنس رد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪراچي ۾ هلندڙ ٽارگيٽيڊ آپريشن تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي غيرتصديق هٿيارن جا لائسنس رد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعليٰ هائوس سيد قائم علي شاهه جي صدارت ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪراچي ۾ امن جي صورتحال تي غور ڪيو ويو جڏهن ته انهيءَ موقعي تي آئي جي سنڌ غلام حيدر جمالي ۽ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ پاران ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کانپوءِ سنڌ حڪومت جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيوويو آهي ته سڄي صوبي ۾ جاري هٿيارن جي لائسنسن جو انگ 10 لک کان وڌيڪ آهي جڏهن ته وڏي وزير سمورا غير تصديق ٿيل هٿيارن جي لائسنسن کي رد ڪرڻ جي منظوري ڏيندي شهر ۾ جاري ٽارگيٽيڊ آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪابينا اجلاس ۾ آئي جي سنڌ صفوران سانحي جي جوابدارن کان ڪيل جانچ بابت ڪابينا کي آگاهه ڪندي ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن بس ۾ سوار ماڻهن کي نشانو بڻائڻ جو اعتراف ڪيو آهي جوابدارن کان وڌيڪ جانچ دوران اهم چيزون سامهون اچڻ جي اميد آهي جڏهن ته انهيءَ موقعي تي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ مڪاني چونڊن لاءِ تيار آهي ۽ اليڪشن ڪميشن جو شيڊيول ملندي ئي چونڊون ڪرايون وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *