سنڌ حڪومت صحت ۽ تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمورن بيروني سيڙپڪارن سان هر ممڪن تعاون ڪري رهي آهي: قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سNNI09-77نڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ خميس تي ٿيندڙ اجلاس دوران ڪراچي ۾ ايجوڪيشن سٽي ۾ تعميراتي ڪم تيز ڪرڻ سميت ليور ٽرانسپلانٽيشن انسٽيٽيوٽ ۽ ڪينسر اسپتال ٺاهڻ جي معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو آهي اجلاس کي خطاب ڪندي سيد قائم علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ صحت ۽ تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمورن بيروني سيڙپڪارن سان هر ممڪن تعاون ڪري رهي آهي هن چيو ته سنڌ حڪومت پهريان ئي ڪراچي ۾ ايجوڪيشن سٽي قائم ڪيو آهي جتي معتبر بيروني تعليمي ادارا گهري دلچسپي وٺي رهيا آهن ۽ پنهنجا ڪئمپس تعمير ڪري رهيا آهن ۽ اهي ڏينهن پري ناهن جڏهن ترقي يافته ملڪن مان به شاگرد پنهنجي تعليم لاءِ ڪراچي کي ترجيحي ڏيندا اجلاس ۾ چانسلر بينظير ڀٽو يونيورسٽي ڪراچي، وائيس چانسلر انڊس يونيورسٽي، وزيراعليٰ سنڌ جو پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو ڊي جي بورڊ آف انويسٽمينٽ ميمبر لينڊ يوٽيليشن بورڊ آف روينيو ۽ ٻين آفيسرن ايجوڪيشن سٽي ۾ ادارن جي قيام لاءِ سرڪاري زمين جي الاٽمينٽ ليور ٽرانسپلانٽيشن انسٽيوٽيوٽ ۽ ڪينسر اسپتال جي قيام متعلق معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *