سنڌ حڪومت سمورن کاتن ۾ نين ڀرتين تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار،سمورن صوبائي کاتن ۾ نين ڀرتين تي اڻڄاڻايل مدي تائين پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبي جي سمورن کاتن ۾ نين ڀرتين تي مڪمل طور پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. ايس اينڊ جي اي ڊي کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نين ڀرتين تي پابندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي هدايت تي لاڳو ڪئي وئي آهي. وڏي وزير جي حڪم تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ پڻ سمورن کاتن جي سربراهن کي خط لکي نين ڀرتين تي پابندي بابت پڻ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ورهين کان بيروزگاريءَ جي ور چڙهيل سنڌ جا نوجوان صوبائي حڪومت جي فيصلي سان مايوسيءَ جي ور چڙهي ويا آهن. بيروزگار نوجوانن جو مطالبو آهي ته نوڪرين تي پابندي واري فيصلي تي نظرثاني ڪري کين روزگار فراهم ڪيو وڃي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *