سنڌ حڪومت سدائين پي ايس ايل کي سپورٽ ڪيو: احسان ماني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني چيو آهي ته پي ايس ايل ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جو سڀ کان وڏو ايونٽ آهي، ايڏو وڏو ايونٽ اڳ ۾ هتي ڪڏهن ناهي ٿيو، وڏي انگ ۾ پرڏيهي ڪرڪيٽرن جي اچڻ سان دنيا جي ٽيمن جو اعتماد به بحال ٿيندو. پاڪستان سپر ليگ 5 جي ٽرافيءَ جي افتتاح کانپوءِ احسان مان فرنچائز مالڪن سان گڏ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته اسان 11 مهينا اڳ اعلان ڪيو هو ته هاڻ سموري پي ايس ايل پاڪستان ۾ ٿيندي ۽ ڪو وقت هو، جڏهن ڪنهن کي خبر نه هئي ته اهو ڪيئن ٿيندو پر سڀني سپورٽ ڪيو ۽ هتي پي ايس ايل ٿي رهي آهي، سنڌ حڪومت ۽ ڪراچي واسين سدائين پي ايس ايل کي سپورٽ ڪيو. سندس چوڻ هو ته پي سي بي کي شفاف ۽ پروفيشنل ادارو بڻائڻ چاهيون ٿا، جڏهن گورننس ٺيڪ هوندي ته راند به ٿيندي، وڏي انگ ۾ پرڏيهي رانديگر هتي آيا آهن، جنهن سان دنيا جي ٽيمن جو اعتماد به بحال ٿيندو، پاڪستان ۾ پي ايس ايل سان معيشت کي به فائدو پهچندو. احسان ماني وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن خيبر پختونخواهه حڪومت هن سال ترقياتي ڪم مڪمل ڪري ته ايندڙ سال پشاور ۾ به ليگ ميچون ٿينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *