سنڌ حڪومت جي اُها ئي ڪارڪردگي رهي ته سڄو صوبو ٿر بڻجي ويندو: پيرپاڳارو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه پيرپاڳاري چيو آهي ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت جي اُها ئي ڪارڪردگي رهي ته سڄو صوبو ٿر بڻجي ويندوجڏهن ته وڏي وزير جي پنهنجي ضلعي جي صورتحال اُها آهي ته هر شخص سج لهڻ کان پهرين منزل تي پهچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ جيڪو به پوليس آفيسر ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري ٿو اُن کي تبديل ڪيو وڃي ٿو. ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد پيرپاڳاريسان ملاقات ڪئي جنهن ۾ صوبي جي معاملن ۽ خاص طور تي ٿر جي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم مسلم ليگ فنڪشنل سان ڪافي گهرا لاڳاپا آهن، ٻنهي پارٽين جو موقف هڪ ئي آهي. پيرپاڳاري سان ملاقات جو مقصد ٿر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻي هئي. وڏو وزير چوي ٿو ته ٿر جي صورتحال ايترين سنگين آهي ته انسان ڪجهه نٿو ڪري سگهي هاڻي الله ئي ڪجهه ڪندو. هن چيوته ٿر جي معاملي تي سنڌ حڪومت مجرماڻي غفلت ڪئي آهي ۽ اون سبب جانيون ضايع ٿي رهيون آهن. خالد مقبول صديقي جو چوڻ هو ته صوبي ۾ جهڙي ريت ڦرلٽ جاري آهي جهڙا فيصلا ڪيا پيا وڃن اُن مان لڳي ٿو ته پيپلزپارٽي سڄي سنڌ ۾ ٿر جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ جو عزم ڪيو اهي، گذريل ڏينهن صوبائي حڪومت مٺي ۾ جنهن شان ۽ شوڪت جو مظاهرو ڪيو اُهو ٿر واسين جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ فنڪشنل گڏجي سنڌ جي ٻهراڙي ۽ شهري عوام وچ ۾ غلط فهميون ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون ۽ صوبي جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *