سنڌ حڪومت جو ڪراچي سرڪلر ريلوي جو ڪم ڊسمبر تائين شروع ڪرڻ ۽ 600 بسون آڻڻ جو اعلان

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر): اطلاعات، پورهئي ۽ ماس ٽرانزٽ جي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته تاجر برادري جي سمورن مسئلن کي ترجيحي ۽ جلد کان جلد اُڪلائڻ لاءِ لائيزن ڪميٽي کي وڌيڪ فعال بڻائي گهربل نتيجا حاصل ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صنعت ۽ تجارت آف پاڪستان (ايف پي سي سي آئي) جي لائيزن ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي تاجر برادري کي خطاب ۾ ڪيو. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت سمورن شعبن پورهئي، ٽرانسپورٽ ۽ صنعت ۾ تاجر برادري جي تعاون سان صنعتي برادري جي ترقي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ذاتي دلچسپي جي ڪري ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم ٿيا آهن جن ۾ ٽرانسپورٽ نظام جي بحالي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام کي جديد بنيادن تي اُڀارڻ صنعتي زون جو قيام ڪوسٽل بيلٽ جي تعمير، ترقي ۽ ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇايو پيو وڃي. هن چيو ته ٽرانسپورٽ نظام ۾ مضاربه جي تحت ستر سيڪڙو ۽ 15، 15 سيڪڙو سنڌ حڪومت ۽ خانگي شعبي جي تعاون سان ڪراچي ۾ 600 بسون آنديون پيون وڃن. ڪراچي سرڪلر ريلوي جو ڪم ڊسمبر تائين شروع ڪيو ويندو انشاءُالله هاڻ اهو منصوبو وفاقي حڪومت جي تعاون سان سي پيڪ ۾ شامل ڪيو آهي ۽ ماس ٽرانزٽ جو منصوبو به انهن منصوبن ۾ شامل آهي. عوام جي حالت بهتر بڻائڻ ۽ وڌ کان وڌ سهولتن سان ڪراچي جو عوام به لاهور ۽ اسلام آباد کان به وڌيڪ جديد سهولتن سان آراسته منصوبن سان مستفيد ٿيندو. صوبائي وزير چيو ته اسان صنعتي شعبي جي ترقي لاءِ تربيت يافته مين پاور جي جديد پروگرام تي ڪم ڪري رهيا آهن جنهن سان صنعتي شعبي ۾ ترقي سان گڏ بيروزگاري ۾ به گهٽتائي ايندي ۽ اهي تربيت يافته ماڻهو ملڪي معيشيت ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. ٽرانسپورٽ نظام جي بحالي لاءِ نجي شعبي جو تعاون فراهم ڪري رهيا آهيون. انشورنس، موٽرسائيڪل لاءِ هيلمينٽ کي لازمي بڻايو پيو وڃي. بينظير ڀٽو ڪارڊ ذريعي مالڪن کان سروي ڪرائي صنعتي ڪارڪنن جي تعداد کي وڌائڻ لاءِ شفافيت سان گڏ آٽو مشين نظام آڻي رهيا آهيون. هر هڪ منصوبي ۾ تاجر برادري جي تعاون ۽ مدد سان ترقي لاءِ ڪوشان آهيون. ان کان اڳ لائيزن ڪميٽي جي چيئرمين اڪرام راجپوت فيڊريشن جي صدر زبير ايڇ طفيل، گلزار فيروز حنيف، رضوانه شاهد، سينيٽر عبدالحسيب خان، خالد تواب، ساقب فياض مگون به تاجر برادري کي ڀليڪار ڪندي پنهنجي مڪمل تعاون ۽ مدد جي خاطري ڏياريندي سنڌ حڪومت ۽ پي پي پي جي عوامي فلاحي منصوبن کي ساراهيو ۽ پورهيت، ٽرانسپورٽ ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان تجويزون ڏنيون ۽ زور ڏنو ته لائيزن ڪميٽي کي فعال بڻائي صنعتي شعبي جي ترقي لاءِ قدم کڻي گهربل هدف حاصل ڪيا وڃن. ان موقعي تي سيڪريٽري عبدالرشيد تاجر برادري کي سهولتن ۽ تعاون فراهم ڪرڻ جو عزم ورجائيندي چيو ته سنڌ حڪومت تاجرن لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ سان گڏ پنهنجي ڀرپور صلاحيتن ۽ وسيلن سان صنعتي ترقي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي ۽ اڳتي به صنعتي شعبي لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪري لائيزن ڪميٽي کي وڌيڪ فعال بڻايو ويندو. فيڊريشن جي صدر زبير ايڇ طفيل صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ صوبائي سيڪريٽري کي سنڌ جو روايتي تحفو اجرڪ ۽ ٽوپي پيش ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *