سنڌ حڪومت جو پاسڪو کان اضافي ڪڻڪ خريدڻ ۽ ذخيره اندوزن خلاف آپريشن جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪڻڪ جي ذخيرن خلاف اڄ کان آپريشن شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. آپريشن ۾ پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار حصو وٺندا جڏهن ته صوبي جي ٻين ضلعن ۾ ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن جي نگراني هيٺ ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙ خلاف سخت آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير اهي هدايتون اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪڻڪ جي مسئلي تي هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه، وزير خوراڪ هري رام، وزير زراعت اسماعيل راهو، صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري ناڻو حسن نقوي، سيڪريٽري خوراڪ لئيق احمد، سيڪريٽري ٻيلو کاتو رحيم سومرو شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت وٽ پنهنجي ڪڻڪ 7 لک ٽن هئي جنهن مان 4 لک ٽن ڪڻڪ ڏئي چڪا آهيون. صوبائي وزير هري رام اجلاس کي ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ پاسڪو جا 12 هزار ٿيلها پهچي چڪا آهن. وڏي وزير چيو ته ڪراچي شهر لاءِ هر مهيني هڪ لک 30 هزار ٽن ڪڻڪ جاري ٿيندي آهي. هن چيو ته 15 مارچ تائين خوراڪ کاتو ڪڻڪ جاري ڪندو آهي جنهن حساب سان خوراڪ کاتي کي هينئر به 2 مهينن لاءِ ڪڻڪ جي فراهمي يقيني بڻائڻي آهي.  وڏي وزير خوراڪ کاتي کي هدايت ڏيندي چيو ته سنڌ جي گودامن ۾ 3 لک 35 هزار ٽن ڪڻڪ موجود آهي جيڪا ملز کي ڏئي رقم وصول ڪئي وڃي.  وڏي وزير پاسڪو کان وڌيڪ ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت 90 بلين رپين جي قرض مان 20 بلين رپين جا قرض بينڪن کي واپس ڪيا آهن. پاسڪو کي به وڏي وزير جي هدايت تي خوراڪ کاتو ڪڻڪ جي مد ۾ ادائيگي ڪري چڪو آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پاسڪو کان 4 لک ٽن ڪڻڪ وٺي رهيا آهيون ۽ اڄ 75 هزار ٿيلها ڪراچي ۾ سپلائي ٿي چڪا آهن. مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي اگهه ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ وڌيڪ 3 ڏينهن لڳندا. هن وقت فلور ملن پاران مختلف جاين تي اٽو 43 رپيا في ڪلوگرام جي حساب سان ڏئي رهيا آهن. سنڌ حڪومت مختلف گودامن تي ڇاپو هڻي ڪڻڪ برآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اڄ کان ڪراچي ۾ ڪڻڪ جي ذخيرن خلاف پوليس ۽ رينجرز تحت آپريشن شروع ٿي رهيو آهي جڏهن ته صوبي جي ٻين ضلعن ۾ ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن جي نگراني هيٺ ذخيرن خلاف سخت آپريشن ڪيو ويندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪڻڪ کي ذخيرو ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته جلد صوبي اندر جاري ڪڻڪ ۽ اٽي جي بحران تي ضابطو آندو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *