سنڌ حڪومت جو لوڊشيدنگ خلاف ڌرڻو، سنڌ ۾ فوتگين جو ذميوار وفاق قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي اڳواڻي ۾ ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ وفاق ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ خلاف سنڌ اسيمبلي ٻاهران ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويو. ڌرڻي ۾ مخالف ڌر کانسواءِ سينئر وزير نثار کهڙو، شرجيل انعام ميمڻ ، ڊپٽي اسپيڪر سيدا شهلا رضا، سيد مراد علي شاهه ، ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي عورت ايم پي ايز جو به وڏو تعداد موجود هو، جيڪي وفاقي حڪومت جي خلاف نعريبازي ڪري رهيون هيون. ڌرڻي کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم شاهه سموري سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ سبب فوت ٿيلن جو ذميواروفاق کي قرار ڏيندي چيو ته پاڻي ۽ بجلي جو وفاقي وزير خواجا آصف فوتين لاءِ معاوضي جو اعلان ڪري . هن مطالبو ڪيو ته خواجا آصف ذميداري محسوس ڪندي پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي. وڏي وزير چيو ته وفاق سنڌ کي گهربل بجلي فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿيو آهي. هن چيو ته رمضان شريف جهڙي ڀلاري مهيني ۾ به سموري سنڌ جي بجلي بند آهي، جنهن ڪري قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن. وڏي وزير چيو ته سندن صبر جو پيمانو ختم ٿي ويو آهي، ان کان اڳ جو عوام رستن تي نڪري اچي ، وفاقي حڪومت کي گهرجي ته اها سندن احتجاج جو نوٽيس وٺندي سنڌ سان امتيازي سلوڪ ختم ڪري . ان موقعي تي ايم پي ايز جينا هوگا، مرنا هوگا،ڌرنا هوگا، ڌرنا هوگا،سنڌ کي بجلي ۽ سنڌ کي پاڻي ڏيو جا نعرا هڻي رهيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *