سنڌ حڪومت جو ضلعي سطح تي نوان ماڊل ڳوٺ ٺاهڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه ايندڙ مالي سال ۾ ھر ضلعي اندر ھڪ ماڊل وليج ٺاھڻ جو فيصلو ڪيو آھي جنھن لاءِ ھن چونڊيل نمائندن وٽان سفارشون طلب ڪري ورتيون آھن. ماڊل وليجز ۾ 1000 کان وڌيڪ آبادي نه ھئڻ گھرجي ۽ انھن ۾ اسڪول، اسپتال، پاڻي جي فراھمي، صفائي سٿرائي، روڊن، اسٽريٽ لائيٽن، ڪميونٽي سينٽر ۽ ٽرانسپورٽ جون سھولتون ڏنيون وينديون. ھن اھا ڳالهه اڱاري ڏينھن وزيراعليٰ ھائوس ۾ پنج ضلعن ۾ صوبائي اي ڊي پي تحت شروع ڪيل 401 ترقياتي اسڪيمن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاسن جي صدارت ڪندي چئي. مراد علي شاھ پنجن ضلعن بدين، ٺٽو، سجاول، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر جي چونڊيل نمائندن سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاھ، سينئر صلاحڪار ورڪس نثار کھڙو، صحت وارو وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوھو، پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ وارو وزير شبير بجاراڻي، تعليم وارو وزير سعيد غني، زراعت وارو وزير اسماعيل راھو، آبپاشي وارو وزير سھيل انور سيال، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، سيڪريٽري ناڻو حسن نقوي ۽ سمورن لاڳاپيل سيڪريٽرين، ايم پي اي، ايم اين اي ۽ علائقن/ضلع جي سينٽرن، ڊويزنل ڪمشنر، ڊي آئي جي ۽ لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ايس ايس پيز شرڪت ڪئي. مراد علي شاھه چيو ته ايندڙ مالي سال ۾ سندس حڪومت ھر ضلعي جي ھڪ ڳوٺ کي ماڊل وليج بڻائڻ جو اعلان ڪندي اھو فيصلو ڪيو آھي ته ماڊل وليج کي بھترين صحت ۽ پاڻي فراھم ڪرڻ جون اسڪيمون ڏنيون وينديون ۽ ايتري تائين جو وليج جا روڊ پڪل سِرن مان ٺھيل، اسٽريٽ لائيٽون، شمسي توانائي جي سھولت سان ٽمٽار ھجڻ گھرجن. ھن مختلف ضلعن جي چونڊيل نمائندن کي ٻڌايو ته آئون چاهيان ٿو ته اوهان گڏجي ويهي اهڙن معياري ڳوٺن جي نشاندهي ڪريو ۽ پنهنجين سفارشن تي مون ڏانهن موڪليو. وڏي وزير چيو ته چونڊيل نمائندن کي پنھنجن پنھنجن علائقن ۾ ھلندڙ ترقياتي ڪمن جي اونرشپ ڏني ويندي.  مونکي ايندڙ اي ڊي پي، 21-2020 لاءِ اوهان جي ان پٽ جي ضرورت آهي ۽ هلندڙ ترقياتي ڪمن خاص طور ڪم جي رفتار ۽ کين معيار تي نظر رکڻ آهي ته جيئن پنهنجن علائقن ۾ بهترين اسڪيمون ملي سگهن. بدين: اجلاس ۾ اعلان ڪيو ويو ته ضلعي بدين ۾ صوبائي اي ڊي پي ذريعي 26 نون منصوبن سميت 75 اسڪيمون 3.24 ارب رپين جي لاڳت سان شروع ڪيون ويون آهن. حڪومت 2.34 ارب رپيا جاري ڪيا جيڪي مختص ڪيل رقم جو 72 سيڪڙو ٺهندو آهي جنهن جي استعمال ۾ 1.76 ارب رپين جو اضافي رڪارڊ ڪيو ويو آهي جيڪو ريليز جو 75 سيڪڙو آهي. ڊسٽرڪٽ اي ڊي پي تحت 591.31 ملين اسڪيمون هلندڙ آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صوبائي اي ڊي پي تحت اوقاف کاتي جون 4 اسڪيمون، اسڪول ايجوڪيشن جون 7، ڪاليج ايجوڪيشن جون 3، يونيورسٽي اينڊ بورڊز جي 1، صحت جي 1، گهرو کاتي جون 3، انفارميشن ۽ آرڪائيوز جون 12، آبپاشي جون 12، لاءِ اينڊ پراسيڪيوشن جون 4، بلدياتي ادارن جون 11 جنهن ۾ 2 پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون اسڪيمون ۽ روڊن جي نئين سر تعمير جي اسڪيمون هلندڙ آهن. اقليتي معاملن واري کاتي جون ضلعي بدين ۾ 2، پي اي اي جون 4، رورل ڊيولپمينٽ جون 2، ٿرڪول انفرااسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جي 1 ۽ ورڪس اينڊ سروسز جون 19 اسڪيمن جي شروعات ڪئي آهي. وڏي وزير لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته هو هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين 35 اسڪيمون مڪمل ڪن. ٺٽو:اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ضلعي ٺٽي ۾ 3.16 ارب رپين جون 75 اسڪيمون شروع ڪيون ويون آهن، 12 اسڪيمون اهي آهن جنهن لاءِ 25 ارب رپيا رکيا آهن ۽ انهن جا فنڊز هڪ ئي وقت ۾ جاري ڪيا ويا آهن. ٻيون 12 اسڪيمون آهن جنهن لاءِ 25 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم رکيل آهي جنهن کي ٻن قسطن ۾ فنڊز ڪيا ويا آهن. ۽ 20 خاص هلندڙ اسڪيمون آهن ۽ 32 نيون آهن. وڏي وزير چيو ته مختص ڪيل 13.16 ارب رپين جي رقم مان 1 ارب 29 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا پر خرچ 457.14 ملين رپيا ٿيا جيڪو جاري ڪيل فنڊز جو 37 سيڪڙو ٺهندو آهي. هن چيو ته اهو قبول جوڳو نه آهي. لاڳاپيل عملدارن ۽ کاتن کي پنهنجين اسڪيمن تي عمل ڪرڻو پوندو ته جيئن انهن کي وقت سر مڪمل ڪري سگهجي. واضح رهي ته اوقاف کاتي 1، ثقافت کاتي 3، اسڪول ايجوڪيشن 9، يونيورسٽي اينڊ بورڊز 1، ماحوليات کاتي 1، صحت کاتي 2، گهرو کاتي 2، اطلاعات کاتي 1، آبپاشي کاتي 10، لاءِ اينڊ پراسيڪيوشن کاتي 3، لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز کاتي 2، لوڪل گورنمينٽ  جون 5 اسڪيمن سميت هڪ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي واري اسڪيم، روڊن جون ٽن ۽ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ جي هڪ اسڪيمون شروع ڪيون آهن. ضلعي ٺٽي ۾ اقليت معاملن جي کاتي 1، پي ايڇ اي 11، رورل ڊيولپمينٽ 3، ايس اينڊ جي اي ڊي 1 ۽ ورڪس اينڊ سروس جون 21 اسڪيمن جي شروعات ڪئي آهي. سجاول: ضلعي سجاول جي 46 اسڪيمن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ترقياتي پورٽ فوليو 1.16 ارب رپين جو آهي جنهن لاءِ 5.56 ملين رپيا جاري ڪيا ويا جڏهن ته خرچ 319.57 ملين رپيا ٿيا جيڪو ريليز جو 57 سيڪڙو ٺهندو آهي. 46 اسڪيمن مان 9 اسڪيمون اهڙيون آهن جنهن لاءِ 25 ملين رپين تائين جي رقم مختص ڪئي وئي آهي. چار اسڪيمون اهي آهن جنهن جي ماليت 230.5 ملين کان وڌيڪ آهي ۽ انهن جي ريليز ٻن قسطن ۾ ڪئي ويندي ۽ 11 اسڪيمون ضلعي لاءِ خاص آهن جنهن لاءِ 520.0 ملين رپيا رکيا ويا آهن ۽ 22 اسڪيمن لاءِ 340.67 ملين رپيا رکيا ويا آهن. ضلعي سجاول ۾ اوقاف کاتي 2 اسڪيمون شروع ڪيون، ثقافت کاتي 1، اسڪول ايجوڪيشن 6، ڪاليج ايجوڪيشن 2، گهرو کاتي 2، اطلاعات کاتي 1، آبپاشي کاتي 5، لاءِ اينڊ پراسيڪيوشن 1، لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز 1 اسڪيمون شروع ڪيون آهن. بلدياتي کاتي ۾ صحي جي 1 اسڪيم آهي، اقليتي معاملن جي کاتي ۾ 1، پي ايڇ اي کاتي 4، رورل ڊيولپمينٽ 2، ايس جي اي اينڊ سي 1 ۽ ورڪس اينڊ سروسز 15 اسڪيمن جي شروعات ڪئي آهي. ميرپورخاص: ضلعي ميرپورخاص ۾ مختلف کاتن 80 اسڪيمون شروع ڪيون، جنهن ۾ 34 نوا منصوبا شامل آهن جنهن لاءِ 6.76 ارب رپيا رکيا ويا آهن جنهن ۾ 4 ارب 74 ڪروڙ رپيا جاري ويا ويا جڏهن ته خرچ 3 ارب رپيا ٿيا جيڪو ريليز جو 63 سيڪڙو ٺهندو آهي. وڏي وزير چيو ته 80 اسڪيمن مان 12 اسڪيمن کي 100 سيڪڙو فنڊز،  9 اسڪيمن کي 72 سيڪڙو فنڊز، 25 اسڪيمن کي 79 سيڪڙو فنڊز ۽ 34 کي 5 سيڪڙو فنڊز جاري ڪيا ويا آهن. اسڪول ايجوڪيشن کاتي 328.6 ملين رپين جون 7 اسڪيمون، ڪاليج ايجوڪيشن 31.88 ملين رپين جون 2، اسٽيوٽا لاءِ 5.5 ملين رپيا، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز 1 اسڪيم تي 10 ملين رپيا، هيلٿ کاتي 304.2 ملين رپين جون 10، گهرو کاتي 77.05 ملين رپين جون 3، اطلاعات کاتي 15.9 ملين رپين جي 1، آبپاشي کاتي 1.89 ارب رپين جون 10، خاص ڪينال جي استرڪاري تي 2.56 ارب جي هڪ وارين اسڪيمن تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. بلديات کاتي 392.98 ملين رپين جي 7 اسڪيمون شروع ڪيون جنهن ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي 1، عمارتن جون 2، روڊن جون 3 7 سالڊ ويسٽ مينجمينٽ جي 1 اسڪيمون شامل آهن. ميچنگ الوڪيشن لاءِ 447.190 ملين رپيا رکيا ويا آهن، اقليت کاتي جي 38 اسڪيمن لاءِ 38.217 ملين رپيا آهن، پي ايڇ اي کاتي جي 5 اسڪيمن لاءِ 240.057 ملين رپيا، رورل ڊيولپمينٽ جي 1 اسڪيم لاءِ 8 ملين رپيا، اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز جي 1 اسڪيم  لاءِ 48.3375 رپيا رکيا ويا آهن ۽ ورڪس اينڊ سروسز کاتي وٽ 364.806 ملين رپين جون 8 اسڪيمون آهن.  ٿرپارڪر: سنڌ حڪومت ٿرپارڪر ۾ 14.65 ارب رپين جي لاڳت سان 122 اسڪيمون شروع ڪيون جنهن لاءِ 8.44 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن ۽ جنهن مان 4.52 ارب رپيا استعمال ٿي چڪا آهن جيڪو جاري ڪيل رقم جو 54 سيڪڙو ٺهندو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 110.87 ملين رپين جي 10 اسڪيمن کي 99 سيڪڙو فنڊز جاري ڪيا ويا آهن ۽ هو هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين مڪمل ٿي وينديون جڏهن ته 8.52 ارب رپين جي 21 اسڪيمن کي 56 سيڪڙو فنڊز ڏنا ويا آهن ۽ 5.14 ارب رپين جي 40 اسڪيمن کي 68 سيڪڙو فنڊز جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته 51 نون اسڪيمن لاءِ فقط 5 سيڪڙو فنڊز جاري ڪيا ويا آهن. اجلاس ۾ ڪيترن ئي سست رفتار اسڪيمن جي نشاندهي ڪئي وئي جنهن تي وڏي وزير پي اينڊ ڊي کاتي ۽ لاڳاپيلن کاتن کي هدايت ڪئي ته انهن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪم کي تيز ڪيو وڃي ۽ اپوزيشن اجلاسن ۾ انهن جي ڄاڻ پڻ ڏني وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *