سنڌ حڪومت جو صوبي مان زڪوات وصولي پاڻ ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار صوبي ۾ زڪوات جي وصولي پاڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو جنهن لاءِ وفاق کي خط موڪليو ويندو ۽ انهيءَ حوالي سان اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان کي به خط لکيو ويندو. اهو فيصلو وزير اعليٰ هائوس ۾ سنڌ جي وڏي سيد قائم علي شاهه جي صدارت ۾ منعقد اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ناڻي وارو صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه، زڪوات وارو صلاحڪار دوست محمد راهمون، چيئرمين زڪوات ڪائونسل سنڌ جسٽس (ر) زاهد قربان علوي، چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو، ناڻي وارو سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري زڪوات رياض ميمڻ، سيڪريٽري انٽر پراوينشل ڪوآرڊيننيشن قاضي شاهد پرويز ۽ ٻين شرڪت ڪئي. چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ چيو ته 18هين آئيني ترميم کان پوءِ سنڌ حڪومت 2011ع ۾ زڪوات ۽ عشر ايڪٽ پاس ڪيو هو، جنهن تحت سنڌ حڪومت زڪوات ڪائونسل جو قيام ڪيو ۽ اهو ئي قانون صوبائي حڪومت کي زڪوات جي وصوليءَ ۽ ورهائڻ جا اختيارت ڏئي پيو. بين الصوبائي رابطي واري کاتي جي سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز چيو آهي ته آئيني ۽ قانوني لحاظ کان زڪوات جي وصولي واري معاملي تي سنڌ حڪومت جي پوزيشن بلڪل واضع آهي. هن چيو ته گڏيل مفادن واري ڪونسل ڪميٽي پنهنجي اجلاس جي دوران فيصلو ڪيو هو ته زڪوات وصولي ۽ ورهائڻ وارو طريقيڪار 2015ع تائين جاري رکيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه فيصلو ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت نئين سال 2016ع کان صوبي ۾ زڪوات جي وصولي پاڻ ڪندي ۽ انهيءَ حوالي سان وفاقي حڪومت کي آگاهه ڪيو ويندو. هن چيف سيڪريٽري سنڌ کي هدايت ڪئي ته هو وفاقي حڪومت کي ان سلسلي ۾ خط لکي ۽ بين الصوبائي رابطي واري سيڪريٽري کي به ان حوالي سان اطلاع ڏئي ته سنڌ حڪومت نئين سال کان زڪوات جي وصولي پاڻ ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيف سيڪريٽري سنڌ کي هدايت ڪئي ته اسٽيٽ بينڪ کي پڻ خط لکي آگاهه ڪري ته هاڻ زڪوات جي وصولي سنڌ سرڪار ڪندي. ۽ انهيءَ حوالي سان هدايت ڪئي ته اسٽيٽ بينڪ جي ڊپٽي گورنر سان ملاقات ڪري ۽ زڪوات جي وصولي جي مڪمل مڪينزم ۽ سنڌ حڪومت جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرڻ جا معاملا طئي ڪيا وڃن. واضع رهي ته ان وقت وفاقي حڪومت سنڌ جي زڪوات وصولي جي ڪل رقم مان صرف 23.7 سيڪڙو سنڌ کي ڏئي رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سيڪريٽري زڪوات ۽ زڪوات ڪونسل جي اختيارين کي بينڪ ڪٽوتي کان سواءِ زڪوات وصولي جا ٻيا ذريعا ڳولهڻ جي هدايت ڪئي. هن چيف سيڪريٽري سنڌ تي زور ڀريو ته زڪوات ڪونسل جي تشڪيل نئين سر ڪئي وڃي ۽ ان ۾ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جا نمائندا ۽ ٻيا معتبر شخص شامل ڪيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *