سنڌ حڪومت جو اربع کان ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي شروعات ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت اربع جي ڏينهن کان صوبي ۾ ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پهرين مرحلي ۾ سنڌ جي 10 ضلعن ۾ فرنٽ لائين هيلٿ ڪيئر ورڪرز کي ويڪسين لڳائڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو. اهو اعلان صوبائي وزير اطلاعات سنڌ سيد ناصر حسين شاهه پارليماني سيڪريٽري صحت ايم پي اي قاسم سراج سومرو سان گڏ سنڌ اسميبلي جي ڪميٽي روم ۾ هنگامي پريس ڪانفرس ۾ ڪيو. صوبائي وزير اطلاعات سنڌ سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته حڪومت پاڪستان کي چين کان ملڻ واريون سائينو فارم ويڪسين جي 5 لک ڊوزن مان سنڌ حڪومت کي 82 هزار 359 ڊوز ملندا. هن چيو ته صحت کاتي پنهنجي وسيلن مان ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ ڏيڍ ارب روپيا مختص ڪيا آهن، جڏهن ته وزير اعليٰ سنڌ الڳ سان مناسب فنذز مختص ڪيا آهن ته جيئن صوبائي حڪومت پاڻ به ويڪسين جي خريداري ڪري سگهي. هن چيو ته صوبائي حڪومت کي ويڪسين جي خريداري لاءِ وفاقي حڪومت جي اجازت گهربل آهي وزير اعليٰ سنڌ سيد  مراد علي شاهه اجازت لاءِ وفاقي حڪومت کي خط لکي ڇڏيو آهي پر ان جو جواب اڃان تائين ناهي مليو. هن چيو ته هڪ خانگي گروپ پاڪستان ۾ 20 سيڪڙو آبادي جي ويڪسينيشن جو واعدو ڪيو آهي انهن جي مارچ ۾ پهرين شپمينٽ اچي ويندي. هن چيو ته ابتدائي طور تي ڏهن ضلعن کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي جتي ڪورونا جو تناسب وڌيڪ آهي ان ۾ ڪراچي جي ستن ضلعن کان علاوه ڄام شورو، حيدرآباد ۽ شهيد بينظير آباد شامل آهن، هن چيو ته چين کي سائنو فارم ۽ خانگي ڊونر گروپ جي اسٽرازينڪا ۽ فائيزر ويڪسين جا ٻه مختلف ڊوز ملندا. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن کي وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ صحت کاتي جي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ترجيح ڏئي رهيا آهن ته ڪورونا ويڪسين کي ڪنهن به صورت ۾ خريداري ڪئي وڃي ۽ پنهنجي ماڻهن کي هن وبا کان بچايو وڃي. هڪ سوال جي جواب هن چيو ته وفاقي حڪومت کان اجازت نه ملڻ جي ڪري هينئر تائين ويڪسين جي خريداري جو آرڊر ناهي ڏنو. هن چيو ته سنڌ حڪومت سڀني ڪمپنين ۽ عالمي ادارن سان ان سلسلي ۾ رابطو ڪيو آهي اڄ پڻ عالمي بينڪ جي ڪنٽري هيڊ سان وزير اعليٰ هائوس ۾ مختلف منصوبن بابت گڏجاڻي هئي انهن کي اسان درخواست ڪئي آهي ته هن وقت اسان جي ترجيح ڪورونا ويڪسين آهي ان تي اسان جي سپورٽ ڪئي وڃي. هڪ سوال جي جواب تي هن چيو ته اسان جي ترجيح آهي ته سنڌ جي هر ماڻهو کي بهتر کان بهتر ويڪسين لڳي، خانگي شعبي کي اسان ويلڪم ڪيون ٿا ته هو اسان جي مدد ڪن پر خانگي شعبي وٽ لاڳاپيل ادارن جو اجازت نامو هجڻ گهرجي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان کي وفاق پاران آچر ڏينهن کان ويڪسين ملڻ شروع ٿي ويندي. ان موقعي تي پارليماني سيڪريٽري صحت ايم پي اي قاسم سراج سومرو چيو ته پهرين مرحلي ۾ اسان فرنٽ لائن هيلٿ ڪيئر ورڪرز کي ٽارگيٽ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پاليسي جي مطابق جن علائقن ۾ وڌيڪ ڪورونا جا ڪيس مثبت آهن ان کي ترجيح ڏني پئي وڃي. ڪراچي ۾ 22 سيڪڙو تائين ڪووڊ مثبت تناسب رهيو آهي، حيدرآباد ۾ 26 سيڪڙو تناسب ويو آهي ان جي بعد شهيد بينظير آباد آهي. هن چيو ته آئي سي يو، ايڇ ڊي يو ۾ ڪم ڪرڻ وارن ڊاڪٽرن، پيرا ميڊڪس، ليبارٽريز ٽيڪنيشنز ۽ گهر گهر وڃي ڪووڊ  ٽيسٽ ڪرڻ وارين ٽيمن کي ترجيح ڏني ويندي. هن چيو ته هن وقت اسان وٽ هڪ لک 70 هزار فرنٽ لائن هيلٿ ڪيئر ورڪرز رجسٽرڊ آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه چيو ته هن  ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ جو اردو ۽ سنڌي ۾ پڻ ترجمو ڪرايو آهي ۽ مان ڳولي رهيو آهيان ته اهو لکيل نظر اچي وڃي ته اها 2018 کان اڳ جي رپورٽ آهي. هن چيو ته انهن جي ڪوڙ جو اندازو لڳايون ته انهن جا وزير ۽ ترجمان چئي رهيا آهن ته انهن جي خلاف رپورٽ ۾ ڪجهه به نه آهي اهو ته ادارن ۽ صوبن جي باري ۾ آهي. صوبائي وزير چيو ته ڇا  پي ٽي آئي جي ٽن صوبن ۾ حڪومت نه آهي؟ هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير اطلاعات چيو ته سنڌ کي هن وقت تائين وفاق پاران 72 ارب روپيا گهٽ مليا آهن سنڌ سان واعدا ڪيا ويندا آهن پر وفا نه ڪيا ويندا آهن، گيس ۾ اسان سان زيادتي ڪئي ويندي آهي اسان کي پنهنجو پورو حصو نه پيو ڏنو وڃي.  

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *