سنڌ حڪومت جوچترال لاءِ 5 ڪروڙ رپين جو اعلان

اسلام آباد:(بيورو) سنڌ حڪومت پاران چترال جي ٻوڏ متاثرن لاءِ 5 ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي پر خراب موسم وچ ۾ اچڻ جي ڪري پيپلز پارٽي جو وفد چترال نه پهچي سگهيو. مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته  جئين ئي حالتون بهتر ٿيون ته متاثرن جي مدد لاءِ وينداسين، هن ٻڌيو ته پارٽي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي 3 رڪني وفد متاثر ٿيل علائقن جو دورو ڪندو، متاثرن جي مدد ڪنداسين، سياست نه. آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري به چترال جو دورو ڪندا.تيمر گرا کان واپسي تي اسلام آباد هيلي ڪاپٽر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار حمد چوڌري جي سياست ۾ اچڻ کي سٺو سنئوڻ سمجهون ٿا،۽ گڏوگڏ کيس پرويز مشرف کي به گڏ ملائڻ جي صلاح ڏينداسين.چونڊن جي ڌانڌلي سان لاڳاپيل جڊيشل ڪميشن جي فيصلي تي ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته جيڪي ٽرمز ۽ ريفرينسز جوڙيا ويا آهن انهن سان جاچ ڪميشن جو اهو ئي فيصلو اچڻو هو. عمران خان کي معافي وٺڻ جي ڪا به ضرورت ناهي.خورشيد شاهه ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پاران چترال ٻوڏ متاثرن لاءِ مليل 5 ڪروڙ رپيا ترت انهن تائين پهچايا ويندا، موسم ٺيڪ ٿيڻ سان ئي پيپلز پارٽي جو وفد چترال ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *