سنڌ حڪومت جهمپير ۾ ونڊ پاور منصوبي لاءِ 680 ايڪڙ زمين الاٽ ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ونڊ انرجي ذريعي 49.5 ميگاواٽ بجلي جي پيداواري منصوبي لاءِ خانگي ڪمپني سچل انرجي پرائيويٽ لميٽيڊ کي 680 ايڪڙ زمين 30 سالن لاءِ الاٽ ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ اڱاري ڏينهن توانائي کاتي جي مرڪزي آفيس ۾ ان معاهدي تي صحيحون ڪيون. ان موقعي تي سيڪريٽري توانائي آغا واصف، ڊائريڪٽر متبادل توانائي محفوظ قاضي ۽ ٻيا به موجود هئا. متبادل توانائي بورڊ حڪومت سنڌ پاران شفقن شاهه، جڏهن ته سچل انرجي پاران ڪاشفانصاري معاهدي تي صحيحون ڪيون. سچل انرجي پرائيويٽ لميٽيڊ چيني ڪمپني هائرو چائنه زيبي جي شراڪت سان ٺٽي جي علائقي جهمپير ۾ پروجيڪٽ لڳائيندي. هي منصوبو پاڪ چين اڪانومڪ ڪوريڊور پروگرامن ۾ شامل آهي، چائنه انڊسٽريل اينڊ ڪمرشل بئنڪ ان منصوبي لاءِ 133 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندي، جنهن سان سنڌ ۾ معيشيت کي مضبوط ڪرڻ سان گڏوگڌ توانائي بحران تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ڪمپني ايندڙ مهيني تعميراتي ڪم شروع ڪندي، جيڪو 18 مهينن ۾ مڪمل ٿيندو. معاهدي مطابق ڪمپني ونڊ پاور ۾ 49.5 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري نيشنل گرڊ کي 2044 تائين بجلي فراهم ڪندو. سنڌ ۾ هوا ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ جا ڪافي موقعا موجود آهن ۽ ان سلسلي ۾ جهمپير گهارو ونڊ ڪوريڊور ۾ ايستائين 50 هزار ميگاواٽ جي پيداوار تائين جي نشاندهي ٿي چڪي آهي. سنڌ حڪومت توانائي جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي جامع توانائي پاليسي جوڙي آهي، جنهن لاءِ ڪوئلي ۽ هوا جي ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪافي ذريعن کي ترجيح ڏئي رهي آهي. هن وقت سنڌ ۾ 40 کان وڌيڪ ڪمپنيون هوا ذريعي3 هزار ميگاواٽ بجلي جي پيداوار لاءِ متحرڪ آهن. انرجي کاتي ونڊ پاور جي تعمير جي سلسلي ۾ ايندڙ سمورن رڪاوٽن جي حل لاءِ انهن سمورين ڪمپنين سان رابطي ۾ آهي. ياد رهي ته 50 ميگاواٽ جو هڪ ٻيو چائنيز پروجيڪٽ آخري مرحلي ۾ آهي ۽ چين ٿري گورجز ڪمپني ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ نيشنل گرڊ کي 50 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪرڻ شروع ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *