سنڌ حڪومت تڪڙي ريٽائرمينٽ تي پابندي ھڻي ڇڏي، پينشن خرچ کي گھٽائڻ لاءِ مختلف تجويزن تي غور   شروع

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جي پينشن خرچ کي گھٽائڻ لاءِ مختلف تجويزن تي غور شروع ڪري ڏنو آھي. سنڌ حڪومت جي ملازمن جو انگ 493182 آھي، جن جي ماھوار پگھار 23.9 ارب رپيا آھي، جڏھن تھ پينشن تي ماھوار 13.3 ارب رپيا خرچ ٿين ٿا. وڏي وزير جو چوڻ ھو تھ اھو سلسلو ايئن ھلندو رھيو تھ ايندڙ 10 سالن ۾ پينشن جو بل پگھارن کان وڌي ويندو، تنھنڪري پينشن بل ۾ سڌارن جي ضرورت آھي. ڪابينا ۾ پينشن بل گھٽائڻ لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪري منظوري ڏني وئي، جيڪي ھن ريت آھن. (1) جلد ريٽائرمينٽ تي پابندي ھوندي، ريٽائرمينٽ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ سروس 25 سال ۽ عمر 55 سال ھوندي، ان سان حڪومت مٿان 433.3 ارب رپين جو بار گھٽجي ويندو. (2) پينشن آخري ورتل پگھار بدران ٽن سالن جي پگھار جي سراسري شرح سان لڳائي ويندي، ان سان حڪومت مٿان 348.8 ارب رپين جو بار گھٽجي ويندو. (3) فيملي پينشن رڳو گھرواري/گھروارين/مڙس ۽ 21 سالن کان گھٽ عمر واري پٽ تائين محدود ھوندي، ان سان حڪومت مٿان 112.179 ارب رپين جو بار گھٽجي ويندو. (4) سنڌ حڪومت ۾ پينشن فنڊ ۾ حصو 0.3 سيڪڙو ھوندو جيڪو وڌائي 3 سيڪڙو ڪيو ويندو. (5) ترميم ٿيل پينشن اسڪيم فقط نون ڀرتي ٿيل ملازمن تي لاڳو ھوندي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *