سنڌ حڪومت به صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ راضپو ڏيکاري ڇڏيو، معاملو سنڌ اسيمبلي ۾ آڻن جو فيصلو

اسلام آباد (اين اين آءِ) سنڌ حڪومت به صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪندي چيو آهي ته معاملي کي سنڌ اسيمبلي ۾ آندو ويندو جنهن تي تحريڪ انصاف جي سينيٽر ۽ اطلاعات بابت قائمه ڪميٽِ جي چيئرمين فيصل جاويد چيو آهي ته اسان ته ڪافي عرصي کان ايئن چاهيون پيا ان معاملي تي اوهان کي ويلڪم ڪريون سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت قائمه ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين ڪميٽِ سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ ٿيو سليم مانڊوي والا پاران صحافين جي فلاح بابت هڪ نئون بل پيش ڪرڻ جي ڳالهه تي ڪميٽي چيئرمين چيو ته ان حوالي سان حڪومت هڪ بل منظور ڪرائي چڪي آهي ڇا اوهان کي ان تي اعتراض آهي جنهن تي سليم مانڊوي والا چيو ته مون کي رڳو ان بل ۾ ڪميشن جي اختيارن تي اعتراض آهي جڏهن ڪميشن ڪجهه نه ڪري سگهي ته اهڙِ بل جو ڪوئي فائدو نه آهي چيئرمين ڪميٽي جو چوڻ هو ته صحت ڪارڊ جي سهولت سنڌ کان علاوه سڄي پاڪستان ۾ جاري آهي جنهن تي سليم مانڊوي والا واضح ڪيو ته سنڌ حڪومت به صحت ڪارڊ جي معاملي تي سنجيده آهي جلد معاملو سنڌ اسيمبيل ۾ آندو پيو وڃي جواب ۾ فيصل جاويد چيو ته اوهان بريڪنگ نيوز ڏئي رهيا آهيو ته حڪومت سنڌ صحت ڪارڊ جي معاملي تي سنجيده آهي اسان ته اڳ ئي چاهيون پيا ته سنڌ ۾ به هر گهراڻي کي ان مد ۾ 10 لک ساليانو ملي سگهن هن معاملي تي وفاق اوهان کي ويلڪم ڪندو اجلاس دوران چيئرمين ڪميٽِ سوال اٿاريو ته پي ايس ايل هاڻي ايڇ ڊي تي ويندو جنهن تي سڌ سماءَ واري وزارت جي عمدلارن واضح ڪيو ته جي بلڪل هاڻي پي ايس ايل ايڇ ڊي ڪوائلٽي تي ڏيکاريو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *