سنڌ حڪومت ايمبولينس سروس شروع ڪري ڇڏي، گهربل وسيلا فراهم ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (17 مارچ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ٺٽي ۽ سجاول ۾ صحت جي سهولتن کي بهتر بڻائيندي سنڌ پيپلز ايمبيولنس سروس شروع ڪري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خواب کي حقيقت جو روپ ڏنو آهي. هن اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس جي بينڪيوئٽ هال ۾ ٺٽي ۽ سجاول لاءِ سنڌ پيپلز ايمبيولنس سروس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم هئي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو معاشري جي سمورن طبقن لاءِ بهترين خدمتن جي فراهمي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت امن فائونڊيشن سان گڏيل شراڪت سان ايمبيولنس سروس شروع ڪري اسان جي قيادت جي خواب کي حقيقت جو روپ ڏئي ڇڏيو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٺٽي ۽ سجاول جي 200 کان وڌيڪ مقامي رهواسين کي سندن لاڳاپيل علائقن ۾ ايمرجنسي هيلٿ سروس جي فراهميءَ جي تربيت ڏني وئي آهي. هن چيو ته هي هڪ نئين جهد جي شروعات آهي جنهن تحت ٺٽي ۽ سجاول جي غريب ماڻهن کي ٽرانسپورٽ جي بهترين سهولت مهيا ٿيندي، جڏهن ته سنڌ حڪومت ڀرپاسي جي علائقن ۾ صحت جي سهولتن جي فراهميءَ ۽ ان کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت جي ڏاهپ تحت سنڌ حڪومت صوبي جي ماڻهن کي بهترين سهولتن جي فراهميءَ شروع ڪئي آهي ۽ ان (ايمبيولينس) سروس جي دائري کي صوبي جي ٻين ضلعن تائين وڌايو ويندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ صوبي ۾ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) جو فروغ چاهن ٿا، کين جڏهن پاڪستان جي صدر جو عهدو سنڀاليو هو ته بحيثيت پاڪستان جي صدر هن سنڌ حڪومت ۽ سندن (جڏهن مان ناڻي وارو صوبائي وزير هيس)  رهنمائي ڪئي هئي ۽ پي پي پي موڊ تحت ڪيترن کي ميگا پروجيڪٽس شروع ڪيا ويا. هن چيو ته آصف علي زرداريءَ جي گائيڊ لائينز جي پيروي ڪندي سنڌ حڪومت پي پي پي موڊ تحت ميگا پروجيڪٽس شروع ڪيا، جن ۾ سنڌو درياهه تي جهرڪ-ملاڪاتيار پُل، حيدرآباد-ميرپورخاص روڊ ۽ ٻيا منصوبا شامل آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته هن پنهنجي سياسي قيادت جي رهنمائيءَ تحت سنڌ صوبي ۾ تعليم ۽ صحت وارين سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ سخت محنت ڪئي آهي. هن چيو ته ٺٽي ۽ سجاول ۾ امن فائونڊيشن سان گڏيل شراڪت سان ايمبيولينس سروس شروع ڪرڻ پهريون قدم آهي. هن چيو ته اهڙي قسم جون سهولتون هر ضلعي ۾ شروع ڪيون وينديون. هن سنڌ واسين کي يقين ڏياريون ته صحت جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون وينديون. سنڌ حڪومت امن فائونڊيشن سان گڏيل شراڪت تحت سنڌ پيپلز ايمبيولينس سروس شروع ڪئي آهي جنهن جو سجاول ۽ ٺٽي ۾ ڪالنگ ڪوڊ 1036 آهي. هن چيو ته اٽڪل 206 مقامي رهواسين کي چونڊي ڪري ۽ سندن تربت ڏئي وئي صوبي جي ٻن ضلعن ٺٽي ۽ سجاول ۾ ماڻهن کي ايمرجنسي هيلٿ سروسز جي فراهميءَ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته 25 ايمبيولينسز ذريعي ان منصوبي جي شروعات ڪئي وئي آهي ۽ انهن ايمبيولنسز ۾ زندگي بچائڻ جو سموريون بنيادي سهولتون ۽ اوزار موجود آهن، انهن 25 ايمبيولنسز مان 12 ٺٽي ۽ 10 سجاول کي ڏنيون ويون آهن ۽ باقي 3 بيڪ اپ ۾ رکيون ويون آهن. انهن ايمبيولنسز جي آپريٽنگ تي خرچ تقريبن 268.31 ملين رپيا ايندو. ان موقعي تي سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر فضل الله پيچوهي به خطاب ڪيو ۽ ايمبيولينس سروس جي آپريشن بابت بريفنگ ڏني ۽ امن فائونڊيشن جي سي اي او ملڪ احمد جلال پڻ خطاب ڪيو ۽ ان به ان سروس جي آپريشن بابت بريفنگ ڏيندي يقين ڏياريو ته اهو ٺٽي ۽ سجاول ۾ بهتري ۽ موئثر سروس ثابت ٿيندي. انهيءَ اڳ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ربن ڪاٽي سروس جو افتتاح ڪيو ۽ بعد ۾ سندن ايمبيولنسز ۾ لڳل اوزارن ۽ سهولتن بابت بريفنگ ڏني وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *