سنڌ حڪومت ايس سي يو جي سي جي ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن لاءِ 381 ملين روپين جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبي  ۾ پيشنرن جي حالت کي ڏسندي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سنڌ ڪائونسل يونيفائيڊ گريڊس سروس (ايس سي يو جي سي) جي ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن لاءِ 381 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهو فيصلو اڄ هن وزير اعليٰ هائوس ۾ صوبائي بلديات کاتي جي رٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ توانائيءَ وارو صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه، بلديات وارو وزير ڄام خان شورو، وقتي چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ نور محمد لغاري ۽ ناڻي وارو سيڪريٽري سهيل راجپوت شريڪ هئا. بلديات واري صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته وڏي وزير سيد قائم علي شاهه 2014ع ۾ سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ (ايس ايل جي بي) جي سالياني شيئرز ۾ اضافو ڪيو ۽ اها رقم 140 ملين رپين مان وڌائي 250 ملين ساليانو ڪري ڇڏي، جيڪا بورڊ جي مالي خرچ پورا ڪرڻ لاءِ ڪافي نه آهي. هن چيو ته نومبر 2013ع ۽ ان کان پوءِ رٽائرڊ ٿيندڙ پينشنرز اڃا تائين پنهنجي گريجوئيٽيءَ وٺڻ لاءِ انتظار ڪري رهيا آهن ۽ انهن مسئلن سبب ايس ايل جي بي هڪ هزار کان وڌيڪ پينشنرز کي موجوده ريٽس ۽ جولاءِ 2014ع جي 10 سيڪڙو واري اضافي جي حساب سان پينشن جاري ناهي ڪري سگهيو. صوبائي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته پينشنرز جو انگ هاڻي ٻارنهن سئو تائين ٿي ويو آهي جنهن ۾ فيلمي پينشن 50 سيڪڙو کان وڌي 70 سيڪڙو، ميڊيڪل الائونس 2010ع واري 20 سيڪڙو کان وڌي 25 سيڪڙو، رهائشي الائونس 7 سيڪڙو ۽ اهڙي قسم جي ٻين الائونسن ۾ واڌ جي ڪري بورڊ جي مالي خرچ ۾ وڏو اضافو ٿيو آهي. وڏي وزير چيو ته اها وڏي ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي ته ايس ايل جي بي پگهارون ۽ پينشن ادا نه ٿو ڪري سگهي. پينشنرز کي انهن جو پگهارون ۽ ٻيا فائدا ضرور ڏنا وڃن ۽ مون لاءِ اها ڳالهه اچرج جوڳي آهي ته انهن مان ڪيترائي پينشنر پنهنجي گريجوئيٽي حاصل ڪرڻ جا منتظر آهن. سيڪٽري بلديات اجلاس کي ٻڌايو ته هن بورڊ جي سمورن خرچن بابت ڪاٿو لڳايو آهي ۽ 3067 رٽائرڊ ملازمن جي پينشن جا 305 ملين رپيا ٿين ٿا، جڏهن ته ان کانسواءِ بورڊ جا ٻيا خرچ پورا ڪرڻ ناڪافي آهن. ناڻي واري سيڪريٽري سهيل راجپوت ٻڌايو ته ساليانو 312 ملين رپيا بورڊ کي پينشن جي مد ۾ ڏنا ويندا آهن جڏهن ته 69.6 ملين رپيا بورڊ جي ٻين خرچن لاءِ ڪافي آهن. ان موقعي تي ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هن “ايس ايل جي بي” جي خرچن ۽ مطالبن جو جائزو ورتو آهي ۽ پينشن ۽ مينٽيننس جو ڪل خرچ 381.8 ملين رپيا ساليانو ٿئي ٿو. هن چيو ته 15-2014ع ۽ 2016ع ۾ پينشن ۾ واڌ ۽ گريجوئيٽي جي مد ۾ 132 ملين رپين جي ادائگيون ضروري تصديق بعد جاري ڪيون وينديون. وڏي وزير پينشنرن جي حالت کي ڏسندي 381.8 ملين رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ بلديات کاتي کي هدايت ڪئي ته پينشنرن کي صحيح طور تي ادائگي کي يقيني بڻايو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *