سنڌ حڪومت اسٽاڪ ۾ موجود ڪڻڪ جي قميت گهٽائي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت 15 ڊسمبر 2014 کان 15 جنوري 2015 تائين اسٽاڪ ۾ موجود 3 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي قيمت کي 3450 رپيا في ٻوري مان گهٽائي 3250 رپيا في هڪ سئو ڪلوگرام ٻوري ڪري ڇڏي آهي ۽ ان وقت دوران هڪ پوائنٽ 5 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ساڳي قيمت تي برآمد ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته گهٽ ڪيل ڪڻڪ جي قيمت تي عمل هڪ مهيني لاءِ لاڳو هوندو، ان کانپوءِ ڪڻڪ جي قيمت هلندڙ مارڪيٽ ريٽ مطابقڪئي ويندي، سيد قائم علي شاهه ٻين صوبن کان سنڌ ۾ ڪمند جي آمد تي به پابندي عائد ڪئي آهي ۽ وفاقي حڪومت کي چيو آهي ته هو ٽي سي پي ۽ پاسڪو کي سنڌ صوبي تائين پنهنجو ڪاروبار وڌائڻ لاءِ حڪم جاري ڪري، ان ڳالهه جو فيصلو سومر تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت ۾ مهيا ڪڻڪ جو اسٽاڪ ۽ ان جي مارڪيٽنگ ميڪنيزم ۽ سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر جي وفد سان ڊاڪٽر نديم قمبر جي سربراهي ۾ جدا جدا اجلاس ۾ ڪيو ويو، ڪڻڪ جي مارڪيٽ جي 3 رڪني وزارت ڪميٽي صوبائي ناڻي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير صحت مهتاب ڏهر ۽ صوبائي وزير ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن گيانچند اسيراڻي اجلاس کي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي موجوده مارڪيٽ جي صورتحال بابت آگاه ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *