سنڌ حڪومت آصف زرداري تي وڏو خرچ ڪري رهي آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته سنڌ حڪومت آصف زرداري تي وڏو خرچ ڪري رهي آهي، ملڪ جو هر ماڻهو قرضي آهي، اهڙي صورتحال ۾ ٻي ڪهڙي سازش ٿي سگهي ٿي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز اڻڳڻيون غلطيون ڪيون، جن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اياز صادق جي ڪاميابي تي نواز ليگ سرڪار کي خوش نه ٿيڻ گهرجي، عليم خان هارايو ضرور آهي پر هن پر عوام جو اعتماد حاصل ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت ننڍن صوبن سان زيادتي ڪري رهي آهي، ڪي پي ڪي جي ترقياتي ڪمن لاءِ مختص رقم اڃا تائين نه ملي سگهي آهي. عمران خان چيو ته ڪي پي ڪي جي پوليس غير سياسي آهي، پنجاب ۽ سنڌ ۾ پوليس جانبدار هئڻ سبب عوام کي انصاف نه پيو ملي. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته ننڍي چونڊ ۾ ووٽرز کي روڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن جا ميمبرز ڌر بڻيل آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر کي ذميوارن جو احتساب ڪرڻ گهرجي. عمران خان آصف زرداري تي تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار پ پ جي شريڪ چيئرمين تي وڏو پئسو خرچ ڪري رهي آهي، وڏي وزير کي هاڻي عوام سان انصاف ڪرڻ گهرجي. تحريڪ انصاف جي سربراهه وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو هر ماڻهو قرضي آهي، اهڙي صورتحال ۾ ڀلا ملڪ خلاف ٻِي سازش ٿي سگهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *