سنڌ حڪومت آتشگير مادي واري ليب قائم ڪرڻ لاءِ 8 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه آتشگير مادي واري ليب (Explosive Lab) کي قائم ڪرڻ لاءِ 8 ملين رپين جي منظوري ڏني ۽ شهر ۾ فرانزڪ ليب لاءِ مناسب زمين جي انتظام ڪرڻ جي به اجازت ڏني. هن اهو فيصلو اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ ايندڙ اپيڪس ڪميٽي جي تياريءَ لاءِ رٿيل اجلاس جي صدرات ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صوبائي قانون وارو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سنڌ محمد صديق ميمڻ، آءِ جي پوليس اي ڊي خواجا، گهرو سيڪريٽري شڪيل مڱڻيجو، ايڊيشنل آءِ جي (سي ٽي ڊي) ثناءُ الله عباسي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر، ڪمشنر ڪراچي اعجاز خان، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ضمير گهمرو، پراسيڪيوٽر جنرل شهادت اعواڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اپيڪس ڪميٽيءَ ۾ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي کلون گڏ ڪرڻ لاءِ ڀلائي وارين تنظيمن کي ان شرط تي اين او سي جاري ڪيون هيون ته اهي پنهنجا اڪائونٽس آڊٽ ڪرائيندا، هن چيو ته ان حوالي سان ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟ ان تي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ چيو ته هن ڪمشنرن کي هدايتون جاري ڪيون هيون. ان موقعي ڪمشنر ڪراچي اعجاز خان چيو ته هن کلون گڏ ڪرڻ لاءِ ڀلائي وارين تنظيمن کا 687 اين او سي جاري ڪيون هيون. وڏي وزير چيو ته هُو تنظيمن کي هدايت ڪري ته اهي ان مان حاصل ٿيندڙ رقم جو آڊٽ ڪرائن ۽ سندس رپورٽ پيش ڪئي وڃي. تعمير هيٺ دهشتگردي ٽوڙ عدالتن بابت ڳالهائيندي چيف سيڪريٽريءَ چيو ته سينٽرل جيل ۾ ڇهه عمارتون تيار آهن جتي عدالتون لڳائي سگهجن ٿيون. آءِ جي پوليس اي ڊي خواجا چيو ته هن ڇهه سئو پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو آهي، جن کي جيل پوليس ڪوٺيو ويندو آهي جيڪي پڇا ڳاڇا ٿيندڙ قيدن / انڊر ٽرائل قيدي (يو ٽي پيز) کي سينٽرل جيل مان ڪلفٽن ۾ واقع اي ٽي سي ڪورٽس ۾ ٻڌڻيءَ لاءِ آڻيدا آهن. ان تي وڏي وزير چيو ته اهو تمام گهڻو خطرناڪ ۽ حساس معاملو آهي ته يو ٽي پيز جي اي ٽي سي ڪورٽ ڪلفٽن ٻڌڻيءَ لاءِ روزاني موڪليو وڃي، جڏهن اهي دهشتگرديءَ وارا ڪيسز انڊر ٽرائل قيدي (يو ٽي پي) اتي (اي ٽي سي ڪورٽس) پهچندا آهن ته ڪجهه ڪلاڪن لاءِ قيام ڪندا آهن جيڪو اڃا وڌيڪ خطرناڪ هوندو آهي، انڪري مان اوهان کي اها صلاح ڏيندس ته ڇهه دهشتگردي ٽوڙ عدالتون سينٽرل جيل ۾ قائم ڪري نئين عمارتن ۾ منتقل ڪيون وڃن. هن چيو ته ان مرحلي تي جڏهن اسان دهشتگردن ۽ ملڪ دشمنن سان وڙهي رهيا آهيون ته اسان اهڙو خطرو ڪيئن وٺي سگهون ٿا. هن چيف سيڪريٽريءَ تي زور ڀريو ته ايندڙ ٽن مهيننن اندر ٻيون 14 عدالتي عمارتون تيار ٿي وينديون جتي نيون اي ٽي سي ڪورٽس قائم ڪري سگهجن ٿيون. هن پنهنجي پرنسپل سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ کي هدايت ڪئي ته هُو ڪانٽريڪٽنگ فرم سان گڏجي رابطو ڪري ايندڙ ٽن مهينن اندر 14 اي ٽي سي جون تيار ٿيندڙ عمارتون حاصل ڪري. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گذريل اپيڪس ڪميٽي جيڪا 31 آگسٽ تي منعقد ٿي هئي ان جو جائزو وٺندي چيو ته فرانزڪ ليب قائم ٿيڻي هئي؟ ان تي آءِ جي پوليس اي ڊي خواجا ٻڌايو ته هن فرانزڪ ليب لاءِ محفوظ علائقي ۾ هڪ مناسب زمين جي ڳولها ڪري رهيو آهي ۽ هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت 8 ملين رپين جي منظوري ڏئي ته هُو هڪ ايڪسپلوسو ليب قائم ڪري سگهي ٿو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه رقم جي منظوري ڏيندي آءِ جي سنڌ کي ان مامري تي عمل ڪرائڻ هدايت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير کي اپيڪس ڪميٽيءَ جي ٻين فيصلن انسداد فساد (Anti-Riot Unit) جي قيام بابت ٿيل اڳڀرائي بابت ٻڌاائيندي آءِ جي پوليس چيو ته هُو ابتدائي طور تي 2 اينٽي رائٽ يونٽ هڪ سائوٿ ۽ ٻيو حيدرآباد ۾ قائم ڪري هيو آهي جنهن جي افرادي قوت 300 نڪوس تي ٻڌل هوندي. گهرو سيڪريٽري شڪيل منڱڻيجي ٻڌايو ته هُو ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرز ۾ اينٽي رائٽ يونٽ جي قيام لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. ان تي وڏي وزير آءِ جي پوليس ۽ گهرو سيڪريٽريءَ کي هدايت ڪئي ته اهي هڪ ٻيو اينٽي رائٽ يونٽ ڪراچيءَ ۾ قائم  ڪن. گذريل اپيڪس ڪميٽيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته رجسٽرڊ ڪمپنين پاران جيڪو آتشگير مادو وڪرو ڪيو پيو وڃي ان جي چڪاس ڪئي ويندي. ان تي چيف سيڪريٽريءَ چيو ته مون سمورن ڪمشنرز کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته اهي مارڪيٽ ۾ آتشگير مادي جي خريد ۽ فروخت جي مانيٽرنگ ڪري ۽ ان جي وقت بوقت رپورٽ پيش ڪئي وڃي. سمورن قسمن جي گاڏين، موٽرسائيڪلن ۾ سڪيورٽي فيچر بشمول ٽريڪنگ سسٽم جي حامل نيون نمبر پليٽس کي متعارف ڪرائڻ بابت چيف سيڪريٽريءَ چيو ته ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي سان مشاورتي عمل شروع ڪيو آهي. وڏي وزير چيف سيڪريٽريءَ کي هدايت ڪئي ته ان بابت ٿيل پيش رفت کي تيز ڪري ۽ ان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي. آءِ جي سنڌ وڏي وزير کي ٻڌايو ته سي پي ايس سي رٿائن لاءِ 1100 اهلڪارن تي ٻڌل فورس جوڙي وئي آهي جڏهن ته باقي 900 اهلڪارن جي ڀرتيءَ وارو ڪم جاري آهي. انهيءَ کان اڳ آءِ جي پوليس ۽ ايڊيشنل آءِ جي (سي ٽي ڊي) پوليس ثناءُ الله عباسيءَ ناظم آباد واقعي بابت بريفنگ ڏني ۽ هن ٻڌيو ته ڪجهه شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ان مامري جي مختلف پاسن کان جاچ جاري آهي، ان تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته هُو ٻين ايجنسين سان به رابطو ڪري ۽ ڪيس کي فوري حل ڪيو وڃي ۽ هن چيو ته اهو هڪ ٻئي پٺيان چوٿون واقعو آهي ۽ ان کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ان حوالي سان پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاريو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *