سنڌ حڪومت ، پوليس ، رينجرز ۽ اليڪشن ڪميشن مبارڪباد جا مستحق آهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ، پوليس ، رينجرز ۽ اليڪشن ڪميشن مبارڪباد جا مستحق آهن پر ضمني اليڪشن جي دوران جيڪو ماحول خراب ٿيو ان کي ڪير به پسند نه ڪندو جڏهن ڪنٽينرز جو ماحو هلي رهيو هو ۽ اتي جيڪا ٻولي استعمال ٿي رهي هئي ان تي مون عمران خان کي چيو هو ته پنهنجي ٻولي ۾ شائستگي آڻي ، بد تميزي ۽ گار گند نه ٿيڻ گهرجي، تنقيد اخلاق جي دائري ۾ ٿيڻ گهرجي . هن چيو ته آچر تي لياري م تاريخي جلسو ٿيو . هن چيو ته مشرف/ دور ۾ لياري ۾ منشيات ۽ گينگ وار شروع ڪرائي وئي ته جيئن لياري کي بدنام ڪيو وڃي ، هن چيو ته لياري جا ماڻهو امن پسند آهن مان پوليس ۽ رينجرز کي سلام ٿو پيش ڪيان جن لياري ۾ 90 سيڪڙو گند ختم ڪرايو آهي، ڪالهه وارو جلسو انهن ماڻهن جي لاءِ جواب آهي جيڪي پي پي جي خلاف پروپيگندا ڪندا هئا .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *