سنڌ جي 45 هزار اسڪولن ۾ بائيوميٽرڪ سسٽم هيٺ استادن جي نگراني جو نظام قائم ڪيو آهي: وڏو وزير

ڪراچي (21 جولائي 2017): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هلندڙ سال تعليم جي شعبي ۾ بائيوميٽرڪ سسٽم لاڳو ٿيڻ سان بدعنوانين جي خاتمي ۾ مدد ملندي، جديد ترين تقاضن کي نظر ۾ رکندي 45 هزار اسڪولن ۾ استادن جي نگراني وارو نظام قائم ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت تعليم جي شعبي ۾ انقلابي اصلاحن  جو عمل تيز رفتاري سان مڪمل ڪري پئي. هن اهڙن خيالن جو اظهار اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ برطانوي بين الاقوامي ترقي واري شعبي (DFID) جي اڳواڻ جوانه ريڊ Ms Joanna Reid  جي پنهنجي وفد سان گڏ اجلاس ۾ چيو. اجلاس ۾ تعليم واري صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، تعليم وارو سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي، وزيراعليٰ سنڌ جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، آر ايس يو (RSU) جي فيصل عقيلي ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته هلندڙ سال تعليم جي بجيٽ 164.217 بلين رپيا آهي جنهن ۾ ترقياتي بجيٽ 151.892 بلين رپيا رکيو ويو آهي جنهن مان 211 ترقياتي رٿائون هلندڙ سال مڪمل ٿينديون. وڏي وزير چيو ته تعليم ئي ترقي ۽ خوشحالي جو نويڪلو رستو آهي، معياري تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سنڌ ۾ ناڻي ۽ تعليم کاتن ۾ مڪمل مانيٽرنگ سان گڏ آڊٽ يونٽ قائم ڪيا ويا آهن، جنهن سان مالي تسلط بهتر ٿيندو. تعليم جي شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ کاتي جاتي ميڪنزم جوڙيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت بائيو ميٽرڪ سسٽم هيٺ 45 هزار اسڪولن ۾ استادن جي نگراني وارو نظام قائم ڪيو آهي. هلندڙ سال 38 پرائمري ۽ ايليمنٽري اسڪولن کي اپگريڊ ڪندي سيڪنڊري اسڪول ڪيو ويندو. اجلاس ۾ تعليم کاتي جي صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر اجلاس کي ٻڌايو ته انتظامي ڪيڊر کي اسين ٽيچرز ڪيڊٽ جي تعليم کان مٿانهون ڪيو آهي. شاگردن کي بهتر تعليم ڏيڻ لاءِ استادن جي تربيت تي خاص ڌيان ڏيندي انقلابي اصلاحن کي متعارف ڪرايو ويو آهي. تعليم واري وزير چيو ته اسڪولن ۾ شمسي توانائي واري بجلي هلائڻ واري رٿابندي ڪئي پئي وڃي. اسڪولن جي عمارتن جي تعمير ۽ مرمت جو گهڻي حد تائين ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. جنهن تي وڏي وزير برطانوي وفد کي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته تعليم جي پائيداري ۽ ديرپا ترقي جي سلسلي ۾ ڪنهن به ريت غفلت يا ڪوتاهي برداشت نه ڪندو آهي، هو هر ٻن مهينن اندر ٿيندڙ فيصلن جو پاڻ جائزو وٺندو آهي. جنهن تي برطانوي وفد جي اڳواڻ چيو ته وڏي وزير پاران سڀني سرڪاري تعليمي ادارن کي عام ماڻهن لاءِ قابل رشڪ بڻائڻ جي خواهش ساراهڻ جوڳي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *