سنڌ جي ٿر ۾ 610 ملين ڪيوبڪ ميٽر پاڻي جي موجودگي جو انڪشاف

حيدرآباد (م.ڊ) سنڌ جي ٿر زون جي ٻئي نمبر جر ۾ 610 ملين ڪيوبڪ ميٽر (0.5 ملين ايڪڙ فٽ) پاڻي جي موجودگي جو انڪشاف ٿيو آهي. اهڙو انڪشاف سنڌ جي آبپاشي کاتي پاران سال 2014ع کان 2016ع تائين ڪرايل هڪ سروي ۾ ٿيو آهي. اهو سروي آبپاشي کاتي جي بئراج امپروومينٽ پراجيڪٽ نگراني ۾ ٿيو جنهن ۾ سپارڪو، ڊبل اي ڪنسلٽنٽ ڪمپني ۽ ڊيپراڪ ڊرلنگ ڪمپني جون خدمتون به حاصل ڪيون ويون هيون. ان سروي تي مجموعي طور 6 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا. سروي مطابق ٿر کي 4 زونز ۾ تقسيم ڪيو ويو هو جنهن ۾ هڪ زون رحيم يار خان وارو ٿر، ٻيو زون اڇڙو ٿر، ٽيون زون کوکرو پار وارو ٿر ۽ چوٿون زون مٺي ۽ اسلام ڪوٽ تي ٻڌل واري جي ڀٽن وارو ٿر شامل هئا. پهرين زون جي سروي ۾ اهو انڪشاف ٿيو ته سنڌ طاس معاهدي مطابق ڀياس ۽ ستلج درياهه هندستان جي حوالي ڪرڻ ۽ هنڌستان پاران انهن درياهن تي ڊيم ٺاهڻ جي ڪري ان زون ۾ پاڻي جي شديدکوٽ پيدا ٿيل آهي ۽ ان زون جا ماڻهو پيئڻ جي پاڻي جي حوالي سان سخت تنگي جو شڪار بڻيل آهن. سروي مطابق ٿر جو ٻيون زون جيڪو اڇڙي ٿر جي ايراضي تي مشتمل آهي ۾ به پيئڻ جي پاڻي جي وڏي کوٽ آهي جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو انسان پر جانور به پيئڻ جي پاڻي جي حوالي سان مشڪلاتن جو شڪار هجن ٿا. رپورٽ مطابق ٿر جي ٽيئن زون جي جر واري پاڻي ۾ ججهي مقدار ۾ فلورائيڊ هجڻ جي ڪري اهو پاڻي به انساني صحت لاءِ هاڃيڪار آهي جڏهن ته اهڙي مليل جليل صورتحال چوٿين زون سان به لاڳو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٿر زون جي جر جي 10 سيڪڙو پاڻي ۾ نمڪيات هڪ هزار پي پي ايم تائين موجود آهي جنهن پاڻي کي انسان واپرائي ۽ محدود زراعت لاءِ ڪتب آڻي سگهن ٿا. 30 سيڪڙو پاڻي ۾ نمڪيات هڪ هزار کان 3 هزار پي پي ايم آهي، جيڪو پاڻي پڻ جانورن ۽ قدرتي نباتات جي استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو. جڏهن ته 60 سيڪڙو پاڻي ۾ نمڪيات جو مقدار 3 هزار کان 5 هزار پي پي ايم تائين آهي جنهن کي آر او پلانٽس ذريعي مٺو بڻائي سگهجي ٿو ۽ ان پاڻي تي ٿر جي نباتات ۽ مڇين کي به پالي سگهجي ٿو جنهن سان ٿر ۾ غذائي کوٽ ختم ڪرڻ ۾ هٿي ملي سگهي ٿي. رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته گڊو بئراج وٽان نڪرندڙ ريڻي ڪئنال جي آر ڊي نمبر 180 وٽان 5 هزار ڪيوسڪ جي ڊسچارج رکندڙ ٿر ڪئنال ڪڍيو وڃي ته جيئن ٿر جي جر جي پاڻي کي ريچارج ڪرڻ سان گڏوگڏ انساني آبادين ۽ جانورن جي واهپي ۾ ڪم آڻي سگهجي. ذريعن موجب ان حوالي سان هڪ پي سي ون به تيار ڪئي وئي آهي جنهن ۾ تجويز ڪيو ويو آهي ته ريڻي ڪئنال جي آر ڊي 180 جي ديهه کنجهو مان ٿر ڪئنال ڪڍيو وڃي جنهن کي پهرين فيز ۾ اڇڙي ٿر جي ڊرينهن وارن ڍنڍن ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي جنهن جو تعداد لڳ ڀڳ 40 کن آهي. ريڻي ڪئنال جي آر ڊي 180 کان ڊرينهن وارين ڍنڍن تائين تجويز ڪيل ٿر ڪئنال جي ڊيگهه 145 ڪلو ميٽر ڄاڻائي وئي آهي. ٿر ڪئنال جي پهرين فيز جي لاڳت جو تخمينو 20 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. انهي رپورٽ ۾ ٿر ڪئنال جو ٻيو فيز به تجويز ڪيل آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اڇڙي ٿر جي ڊرينهن وارن ڍنڍن کان ٿر ڪئنال جو ٻيو فيز شروع ڪيو وڃي جنهن کي ڇاڇري وٽ آڻي اتي پاڻي جي ذخيري لاءِ تلاءُ ٺاهيو وڃي ته جيئن ڇاڇري جي علائقي ۾ به جر ريچارج ٿي سگهي. ٿر ڪئنال جي ٻئي فيز جي ڊزائين ڊسچارج هڪ هزار ڪيوسڪ تجويز ڪيل آهي جنهن جي لاڳت جو تخمينو 5 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. ذريعن موجب اها پي سي ون سنڌ حڪومت وٽ جمع به ڪرائي وئي آهي جنهن تي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ ٻه اجلاس به ڪري چڪو آهي. پي سي ون موجب ٿر ڪئنال جي تعمير جو ڪم واپڊا حوالي ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي هوڏانهن ٿر جي علائقي ۾ پاڻي جي موجودگي جي حوالي سان سروي ڪندڙ آبپاشي کاتي جي ٽيڪنيڪل آفيسر حبيب عرساڻي جو چوڻ آهي ته ٿر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي دستيابي جي حوالي سان سازدا کان وٺي ايريگيشن کاتي پاران 1988ع کان 2016ع تائين مختلف منصوبن تي ڪم ڪيو ويو آهي. اسان پنهنجي سروي رپورٽ ۾ اهو تجويز ڪيو آهي ته گڊو بئراج کان ٿر ڪئنال ڪڍي ان وسيلي اڇڙي ٿر جي ڊرينهن وارين ڍنڍن تائين پاڻي پهچائجي ته جيئن ٿر جي جر جي پاڻي جي ريچارج وارو مسئلو حل ٿي سگهي. هن چيو ته ٿر ۾ پاڻي پهچائڻ جو اهو ئي ڪار آمد حل آهي. هن چيو ته ڇاڇري ۾ پيئڻ جو پاڻي صحت لاءِ هاڃيڪار آهي جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڇاڇري ۾ پاڻي جو ذخيرو ٺاهي ان کي به ٿر ڪئنال وسيلي پاڻي مهيا ڪري سگهجي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان ٻن سالن دوران جيڪا سروي ڪئي آهي ان جي رپورٽ سنڌ حڪومت وٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *