سنڌ جي پنجن ڊويزنن ۾ 382 قيدي ڦاهي جا منتظر، عورتون به شامل

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ):سنڌ جي پنجن ڊويزنن ۾ 382 قيدي ڦاهي جا منتظر، عورتون به شامل، صدر مملڪت وٽ 25 ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 115 اپيلون داخل ٿيل. رپورٽ مطابق سنڌ جي عدالتن مان ڦاهي جي سزا مليل 382 قيدي موجود آهن، جن مطابق 115 سينٽرل جيل ڪراچي (ڪراچي ڊويزن)، حيدرآباد ڊويزن جا 178، سکر جا 73 ۽ لاڙڪاڻو جا 14 قيدي آهن، جن مان ڇهن بهرام خان، شفقت علي، جلال موريجو، عبدالرزاقچصهاڻ، عطاءاللھ ۽ اعظم جون اپيلون رد ٿي چڪيون آهن، انهن مان پهريائين بهرام ۽ شفقت کي ڦاهي ملڻ جا امڪان آهن، جن جي ڪا به سياسي وابستگي ناهي، جڏهن ته 115 هاءِ ڪورٽ ۽ 25 صدر پاڪستان وٽ اپيلون موجود آهن. هوڏانهن پشاور سانحي کانپوءِ ملڪ جي اندر دهشتگردي جي ڪاررواين ۽ قتل جي ڪيسن ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌايل قيدين جي رحم جون اپيلون صدر مملڪت پاران رد ڪرڻ واري عمل کان پوءِ سکر سينٽرل جيل ۾ ڦاهي جي انتظار ۾ قيد ڪاٽيندڙ محمد اعظم، عطاءاللھ ۽ ٻه مقامي قيدي جلال موريجو ۽ عبدالرزاق چوهاڻ کي 48 ڪلاڪن جي اندر ڦاهي ڏيڻ جا امڪان آهن، جيل انتظاميا رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سکر سينٽرل جيل ۾ 95 خطرناڪ قيدي موجود آهن، جن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيمن سميت قتل ڪيسن ۾ قيد ڪاٽي رهيا آهن، جڏهن ته عدالت طرفان جن قيدين جا بليڪ وارنٽ جاري ڪيا ويندا ته ان تي عمل ڪيو ويندو آهي. اهڙي ريت سکر سينٽرل جيل ۾ موت جي سزا ٻڌايل قيدين مان ست جو تعلق لشڪر جهنگوي سپاه صحابو ۽ جنداللھ سان آهي، جڏهن ته ڦاهي جي انتظار ۾ ويٺل جلال الدين موريجو جا 13 ڀيرا بليڪ وارنٽ جاري ٿي ڇڪا آهن، اهڙي ريت لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ 19 قيدي ڦاهي جي انتظار ۾ قيد آهن، جن مان چئن قيدين منور علي ناريجو، محمد امين ڊومڪي، ممتاز علي راجپوت ۽ محمد وارث ميربحر صدر پاڪستان کي رحم جون اپيلون ڪيون آهن، جن تي اڃان تائين فيصلو نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ ڪنهن به قيديءَ جو پابندي مڙهيل تنظيم سان تعلق ناهي ۽ قيدين کي مختلف خونن، ڌاڙن، اغوائن سميت ٻين ڪيسن ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌائي ويئي آهي، ٻئي طرف وزيراعظم پاڪستان پاران ڦاهي جي سزا ڏيڻ واري اعلان بعد لاڙڪاڻو پوليس انتظاميه سينٽرل جيل جي ٻاهران پوليس پيٽرولنگ ۾ اضافو ڪري، سيڪيورٽي سخت ڪئي آهي. هوڏانهن سنڌ جي جيلن ۾ ٻه قيدياڻيون به ڦاهيءَ ملڻ جون منتظر آهن، انهن مان اسماءُ نواب سينٽرل جيل ڪراچي ۾ قيد آهي، جنهن پنهنجي چاهيندڙ سان گڏ پنهنجي ماءُ پيءُ کي قتل ڪيو هو، حيدر آباد جيل ۾ به قيد خديجه کي به موت جي سزا مليل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *