سنڌ جي وڏي وزير جي لندن ۾ پ پ قيادت سان ملاقات، حڪومت جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو

ڪراچي (اين اين آءِ)پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري سان وڏي وزير سيد مراد علي شاه ملاقات ڪئي .ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر فريال ٽالپر به موجود هئي ذريعن موجب ملاقات ۾ سنڌ ڪابينه ۾ تبديلي نون وزيرن ۽ معاون خصوصي جي شموليت ۽ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي ،جڏهن ته سنڌ ڪابينه ۽ پ پ جي تنظيمي سيٽ اپ ۾ مرحلي وار وڏيون تبديليون کي حتمي شڪل ڏني وئي.پ پ جي قيادت پارٽي جي اڳوڻا وزير ۽ موجوده ايم پي ايز جو خلاف ڪيسن جو جائزو ورتو ۽ انهن جي وطن واپسي اچڻ جو اهم فيصلو ڪيو آهي ملاقات ۾ ان ڳاله تي نه اتفاق ڪيو ويو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پ پ ايم پي ايز ۽ اڳواڻ ايندڙ مهيني کان مرحليوار واپسي جو سلسلو شروع ڪندا ۽ عدالتن ۾ پيش ٿي ڪيسن کي منهن ڏيندا .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *