سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جو اجلاس، ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه جيڪو سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (سيف) جي بورڊ آف گورنر جو چيئرمين به آهي سيف جي مئنجمينٽ کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي تعليمي نيٽ ورڪ جي دائري کي وڌائي خاص ڪري پٺتي پيل علائقن ۾ جتي تعليمي سهولتن جي کوٽ آهي ته جيئن 2018 تائين صرف ان جي نيٽ ورڪ سان 10 لک انرولمينٽ جو حدف حاصل ڪري سگهجي سنڌ جي وڏي وزير سيف جي مئنجمينٽ پاران صوبي ۾ 3 لک 50 هزار شاگردن لاءِ پهريان کان موجود 3000 اسڪولن جي انگ ۾ هلندڙ نومبر مهيني جي دوران 40 هزار شاگردن سان گڏ وڌيڪ 318 اسڪول قائم ڪندڙ عمل کي ساراهيندي چيو ته ان جي حڪومت تعليم جي معيار کي پهرين ترجيحي ڏيئي رهي آهي ۽ بجيٽ ۾ ڳچ رقم رکي آهي ۽ سڌارا آڻيندي هر شعبي ۾ ميرٽ کي يقيني بڻايو ويو آهي هن ڳالهه جو اظهار هن جمعي تي وزيراعليٰ هائوس ۾ سيف جي ڪارڪردگي جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪميونٽي جي فعال شرڪت ۽ معياري ٽيچنگ فيڪلٽي جي ڪري اسان جديد دور جي تعليمي معيار جي چئلينجز کي منهن ڏيئي سگهون ٿا هن چيو ته صوبائي تعليم کاتي جي مختص فنڊ سميت سنڌ حڪومت هلندڙ مالي سال 2.215 بلين رپيا ايس اي ايف جي آپريشنل ۽ انتظامي خرچن لاءِ مختص ڪيا آهن ته جيئن صوبو خاص ڪري اهي پٺتي پيل علائقا جتي سرڪاري اسڪول موجود نه آهن اتي هيٺين سطح تي ماڻهن کي تعليم جي فراهمي کي ممڪن بڻائي سگهجي سنڌ جي وڏي وزير پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو کي هدايت ڪئي ته هو مختص ڪيل فنڊ خاص ڪري هن جي اهم ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ فوري گهٽ مدي ۾ جاري ڪرڻ کي يقيني بنائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن وڏي وزير ايس اي ايف جي مئنجيمينٽ کي هدايت ڪئي ته اها پنهنجي ٻن کان ٽن سالن جي حاصلات ۽ خرچ ۽ مستقبل جي تعليمي نيٽ ورڪ جي رٿابندي متعلق جامع رپورٽ هڪ هفتي اندر پيش ڪئي وڃي ته جيئن هو ان مطابق قدم کڻي سگهي. هن اجلاس ۾ شامل ٿيندڙن کي يقين ڏياريو ته ان جي حڪومت پنج بلين رپين جي افتتاحي شروعاتي فنڊ سان انرولمينٽ فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *