سنڌ جي وڏي وزير تعليم کاتي کي 6000 جونئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچرز ڀرتي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تعليم کاتي کي 6000 جونئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچرز (جي اِي ايس ٽي) ڀرتي ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ارلي چائلڊ هووڊ ايجوڪيشن سسٽم، انگلش ميڊيم ۽ ڪمپري هينسو هاءِ اسڪول شروع ٿي سگهن. هن اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ تعليم وارو وزير ڄام مهتاب ڏهر، رٿابندي ۽ ترقي وارو چيئرمين محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن اقبال دراني ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر شامل هئا. سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن اقبال درانيءَ وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته انگلش ميڊيم اسڪولن جون تعمير هيٺ 25 عمارتن مان 15 تيار آهن. اسڪول عمارتون جيڪي مڪمل ٿي ڪيون ويون آهن ۽ اتي تعليم شروع ڪئي ويندي انهن ۾ شهيد بينظيرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، نوشهروفيرو، سانگهڙ، خيرپور، ميرپورخاص، ٽنڊومحمد خان، گهوٽڪي، ٺٽو، سجاول، بدين، ٽنڊوالهيار، مٽياري ۽ ڄامشورو شامل آهن. اهي اسڪول جيڪي 19-2018ع ۾ مڪمل ٿيندا انهن ۾ حيدرآباد، عمرڪوٽ، دادو، قمبر-شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، ٿرپارڪر ۽ ملير شامل آهن، جڏهن ته شڪارپور، ڪشمور ۽ ڪراچيءَ جي ٽن اسڪولن تي ايندڙ سال ڪم شروع ڪيو ويندو. اقبال درانيءَ وڏي وزير کي ٻڌايو ته پنجن اسڪولن جي ايس اين اِي منظور ڪئي وئي آهي جڏهن ته ٻين ڏهن ايس اين اِي اڃا تائين ناڻي کاتي منظور ناهي ڪئي. ان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وڏي وزير ناڻي کاتي کان فائل گهرائي ۽ اجلاس دوران منظوري ڏني. وڏي وزير چيو ته سندس ريڊ ٽيپزم کي برداشت نه ڪندو ۽ هر ڪم وقت سر ٿيڻ گهرجي. وڏي وزير سيڪريٽري تعليم کي هدايت ڪئي ته هُو ناليواري تعليمدان ۽ تعليمي ادارن مان ايڪسپريشن آف انٽريسٽ گهرائي. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته اهي انگلش ميڊيم اسڪول خانگي مئنجمينٽ تحت هلايا وڃن ۽ ان سان پبلڪ سيڪٽر ۾ سٺن اسڪولن قيام ۾ مدد ملندي. هن چيو ته حڪومت سمورا خرچ بشمول ٽيوشن في، ٽيسٽ بوڪ، مشقي مواد، رجسٽريشن في، امتحاني في ۽ حالانڪه تدريسي ۽ غيرتدريسي عملي جون پگهارون به برداشت ڪيون وينديون. خانگي شراڪتدارن کي گهرجي ته اهي مئنيجمينٽ کي موئثر طريقي سان هلائيندا. اقبال درانيءَ وڏي وزير کي ٻڌايو ته نون 6000 استادن جي ڀرتيءَ لاءِ قائدن جي تشڪيل ريگيوليشن ونگ تحت عمل هيٺ آهي. انتظامن جي منظوري بعد هر انگلش ميڊيم اسڪول ۾ 69 اسٽاف ميمبر ورتا ويندا جن ۾ 39 ٽيچرنگ اسٽاف شامل آهي. 15 اسڪولن لاءِ فرنيچر خريد ڪيو ويو آهي، هر اسڪول ۾ مڪمل سامان سان آراستا سائنس ليب، ڪمپيوٽر ليب، هڪ بهترين لائبريري ۽ اسٽينڊ باءِ جنريٽر جون سهولتون مهيا هونديون، اهي اسڪول انگلش ميڊيم هوندا ۽ ڪيمبرج سسٽم تحت هلايا ويندا. ان تي وڏي وزير چيو ته حڪومت لاءِ اهو نهايت ڏکيو آهي ته اهي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ بهترين او-ليول استاد ڀرتي ڪري انڪري اهو هدف بهترين تعليمي ادارن کي ڏئي سگهجي ٿو. صوبائي تعليم واري وزير ۽ سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن کي اهو هدف ڏنو ٿو وڃي ته اهي اهم تعليمي ادارن سان گڏ انگلش ميڊيم اسڪولن جي مئنيجمنٽ کي هلائڻ لاءِ ڳالهايو وڃي ۽ پوءِ مثابقتي عمل ذريعي ان جي چونڊي ڪئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن اقبال درانيءَ چيو ته 25 ڪمپري هينسو اسڪولن مان 6 يونٽس مارچ 2018ع تائين تيار ٿي ويندا، جڏهن ته 9 ڊسمبر 2018ع تائين تيار ٿي ويندا ۽ باقي رهيل 10 اسڪولن جي ٽينڊرنگ وارو عمل ايڊوانس مرحلي ۾ آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته شروعاتي ٻاراڻي تعليم لاءِ استاد کي تخليقي عمل ذريعي ڀرتي ڪيا وڃن پر انهن نون استاد کي لازمي طور تي انگريزي، سائنس ۽ حساب سٺي طريقي سان اچڻ گهرجي، انڪري اهڙي حساب سان استادن جي چونڊ لاءِ سواليا پيپر تيار ڪيا وڃن. هن چيو ته استادن جي سکيا تمام اهم آهي ۽ مان چاهيان ٿو ته سرڪاري شعبي ۾ ڪم ڪندڙ استادن جي استدادڪار ۾ اضافي لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *