سنڌ جي ورهاڱي واري سازش کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين:خورشيد شاهه

سکر (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته رسول الله جي شان کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ گستاخي آهي مذهب ۽ سياست ۾ فرق ڪرڻ گهرجي اردو ڳالهائيندڙ عوام اسان جو ڀاءَ آهي اسان سڀ سنڌي آهيون ڪنهن کي صوبو ٽوڙڻ جي اجازت ڪڏهن به نه ڏينداسين پيپلزپارٽي نوازشريف جي حڪومت کي سپورٽ نه پئي ڪري پاڪستان جي خودمختياري کي بچائي رهيا آهيون منهنجو ماضي منهنجن عقيدن ۽ خيالن جي عڪاسي ڪري ٿو ان بابت ڪنهن کان سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت نه آهي آچر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ملڪي سياست ۾ منهنجو وڏو ڪردار آهي سازشن جي باوجود مون کي عوام 8 ڀيرا چونڊرايو سنڌ اسان جي سڃاڻپ آهي ۽ نفرتن سان ملڪ کي نقصان ٿيندو سيد خورشيد شاهه چيو ته پيپلزپارٽي نوازشريف جي حڪومت کي سپورٽ نه پئي ڪري پر اسان پاڪستان جي خودمختياري کي بچائي رهيا آهيون هن چيو ته سنڌ جو عوام ڪڏهن به سنڌ ورهائڻ نه ڏيندو. هن چيو ته منهنجو تعلق حضور اڪرم صلعم جي خاندان سان آهي ۽ ڪوئي به مسلمان حضور صلعم جي گستاخي جو سوچي به نٿو سگهي مذهب ۽ سياست ۾ فرق رکڻ گهرجي حضور پاڪ جي شان کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ گستاخي آهي سيد خورشيد شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم کي سياست اچي ٿي هو پهريان مهاجر قومي موومينٽ هئا پوءِ سمجهي ويا ته ڪراچي ۾ ويهي سياست نٿا ڪري سگهون ۽ بعد ۾ لفظ مهاجر مٽائي پارٽي جو نالو متحده قومي موومينٽ رکي ڇڏيو اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه چيو ته سياست کي مذهب کان الڳ ڪيو وڃي ۽ ڪائي ٻي ڳالهه ڪرڻي آهي ته کلي ڪئي وڃي سيد خورشيد شاهه چيو ته مهاجر يا سنڌي ته لفظ اهن سنڌ ۾ مختلف علائقن مان آيل ماڻهو آباد آهن جيڪي هاڻي پاڻ کي سنڌي چون ٿا ۽ هاڻي سنڌ ئي انهن جي سڃاڻپ آهي خورشيد شاهه چيو ته نفرتون ڇڏيون وڃن انهن سان نقصان ٿيندو هن چيو ته ڪراچي ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ٻيون قومون آباد اهن هن چيو ته سنڌ هڪ تاريخ آهي ڪيترائي پنجابي بلوچ ۽ پٺاڻ سنڌ ۾ رهن ٿا سنڌ هتي رهندڙن جي سڃاڻپ آهي ڪوئي پنهنجي سڃاڻپ ختم نٿو ڪري سيد خورشيد شاهه واضح ڪيو ته مهاجر لفظ تذڪره تفسير هنڌ کان پوءِ پاڪستان ايندڙن لاءِ ورتو ويو هو ۽ ان جي بيان کي انصار مدينه ۽ مهاجرين مڪه سان ملهائڻ نامناسب آهي هن چيو ته ان جي بيان کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو ۽ ڪوئي به مسلمان اهڙي ڳالهه ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهي منهنجو ماضي، منهنجا عقيده منهنجن خيالن جي عڪاسي ڪن ٿا ۽ ان بابت ڪنهن سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ڪائي ضرورت نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *