سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثا، 7 ڄڻا فوت، 5 زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ عورت سميت 7 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 5 زخمي ٿي پيا.ٽنڊي الهيار ويجهو ٽرڪ ۽ ڪار وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ محمد خان ڳاهو، سندس ڌيءُ فضا ۽ پٽ نزاڪت فوت ٿي ويا.پوليس فوتين جي لاشن ۽ زخمين کي ميرپور خاص اسپتال پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو. ڪراچيءَ جي ملير ويجهو به پورٽ قاسم روڊ تي ڪار، موٽرسائيڪل ۽گڏهه گاڏي ۾ ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. حيدرآباد ۾ ڪوٽڙي جي ٽيليگراف ڦاٽڪ وٽ تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ عديل  ڀلائي ۽ چاڪر چاچڙ ٿڏي تي فوت ٿي ويا. پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور معروف پٺاڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب، حادثو ٽرالر  جي تيز رفتاري سبب پيش آيو. ڪنڌڪوٽ ويجهوانڊس هاءِ وي تي ڪوچ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *