سنڌ جي عوام کي الله جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي، ٻوڏ جو خطرو ٽري ويو آهي: وزير اعظم

سکر (بيورو) وزيراعظم پاڪستان محمد 222222222222222222222222222222نواز شريف چيو آهي ته سنڌ جي عوام کي شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ته سنڌ ۾ وڏي ٻوڏ اچڻ جو خطرو ٽري ويو آهي. جڏهن ته ٻوڏ کان بچاءَ  ۽ ٻوڏ جي پاڻيءَ سبب ٿيل نقصان متعلق سنڌ ۽ پنجاب جي صوبائي عملدارن کي وفاقي اختيارين سان گڏجي حتمي انگ اکر ڪٺا ڪرڻ گهرجن ته جيئن ٺوس حڪمت عملي تيار ڪري سگهجي. وزيراعظم ان موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ کي صلاح ڏني ته صوبائي حڪومت ٻوڏ کان بچاءَ وارن انتظامن کي ٺوس شڪل ڏيندي بچاءَ بندن ۽ بيراجن کي مضبوط ڪرڻ تي وسيلا خرچ ڪري ته جيئن هر دفعي ٻوڏ اچڻ کانپوءِ ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي جاني، مالي نقصان ادا ڪرڻ وارو خرچ بار بار ڪرڻ کان بچي سگهجي. وزيراعظم چيو ته هو پنجاب حڪومت کي به اڳواٽ انتظام ڪرڻ واري پاليسي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪندو. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پنجاب ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ حڪومت ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. جڏهن ته اهو خدشو هيو ته ٻوڏ جا وهڪرا سنڌ ۾ به تباهي مچائي سگهن ٿا. ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي وفاقي حڪومت پاران سنڌ حڪومت کي مشڪل وقت ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي. هن چيو ته سکر بيراج ملڪ جي آبپاشي نظام جو تاريخي حصو آهي. سکر بيراج سميت سنڌ جي آبپاشي نظام کي مضبوط بنائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. وزيراعظم پاران سنڌ حڪومت جي ذميوران کي ان موقعي تي خاطري ڪرائي وئي ته اگر ٻوڏ جو پاڻي سنڌ ۾ داخل ٿيو ۽ عوام کي ڪا مشڪل پيش آئي ته وفاقي حڪومت بنا دير سنڌ جي عوام جي امداد لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آڻيندي. وزيراعظم چيو ته سنڌ جي عوام کي ڪنهن به مشڪل گهڙيءَ ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. ان کان اڳ وزيراعظم سنڌ صوبي ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪالهه شام سکر ايئرپورٽ پهتو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه. صوبائي وزيرن ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) سنڌ جي سرگرم اڳواڻن وزيراعظم پاڪستان جو استقبال ڪيو. وزيراعظم سان گڏ وفاقي وزير ۽ وفاقي حڪومت جا اعليٰ عملدار به سکر پهتا. سکر پهچڻ بعد ايئرپورٽ جي وي آءِ پي لائونج ۾ وزيراعظم پاران پاڪستان مسلم ليگ (ن) سنڌ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان هڪ گڏجاڻي ڪئي ۽ سندن ڳالهيون ٻڌيون. وزيراعظم ان موقعي تي پنهنجي پارٽيءَ جي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته هو ٻوڏ جي صورتحال ۾ عوام جي سار سنڀال لهڻ لاءِ تيار رهن ۽ ڪا مشڪل گهڙي اگر اچي وڃي ته هو عوام جي خدمت لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. جڏهن ته ان بعد وزيراعظم سکر بيراج پهتو. جتي سنڌ جي چيف سيڪريٽري سجاد سليم هوتيانه ۽ آبپاشي کاتي سنڌ جي سيڪريٽري بابر آفنديءَ پاران کيس سنڌ جي بيراجن جي بيهڪ ۽ پاڻي وهڪرن متعلق بريفنگ ڏني وئي. آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري بابر آفنديءَ پاران نقشن ۽ چارٽن جي مدد سان بريفنگ ڏيندي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سنڌو درياءِ ۾ پاڻيءَ جا وهڪرا وچولي ٻوڏ جي سطح وارا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران گڊو بئراج وٽ پاڻيءَ جي سطح ساڍا ٽي لک ڪيوسڪ جي لڳ ڀڳ هئي. جڏهن ته گڊوءَ وٽ امڪان هيو ته ساڍا چار لک ڪيوسڪ پاڻي پهچندو پر ڪالهه (اڄ) کان پاڻيءَ جي وهڪرن ۾ لاٿ اچڻ لڳي آهي. جنهن جي ڪري سنڌ ۾ وڏي ٻوڏ جو خطرو ٽري ويو آهي. آبپاشي سيڪريٽريءَ پاران وزيراعظم کي ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هن مهل تائين آيل ٻوڏ جي وهڪري سبب سکر ڊويزن جي ڪچي ۾ 251 ڳوٺ متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته ڪچي جي هڪ لک 45 هزار 625 ايڪڙ ايراضي پاڻيءَ جي لپيٽ ۾ آئي آهي. ڪچي ۾ آباد ماڻهن جا 29 هزار 300 پالتو جانور متاثر ٿي آهن. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪچي جا ڪُل 87 هزار 585 ماڻهو ٻوڏ جي پاڻيءَ سبب متاثر ٿيا آهن. سکر ضلعي جي پنوعاقل تعلقي مان 16 هزار ۽ روهڙي تعلقي مان 7 هزار ۽ سکر تعلقي جي 23 هزار 920 کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪچي جي ايريا مان ڪڍي رليف ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي ۽ متاثرن ۾ 800 خيما ورهايا ويا آهن. متاثرن لاءِ 15 امدادي ۽ ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن جن ۾ 21 هزار 300 ماڻهن جي رهائش جي گنجائش آهي. جڏهن ته  آبپاشي سيڪريٽري اهو به ٻڌايو ته سنڌ حڪومت وفاقي ادارن جي مدد سان وڏي ٻوڏ جي امڪان کي نظر ۾ رهندي احتياط طور اهڙا اپاوَ ورتا جن جي مدد سان ٻوڏ دوران نقصان جي نوعيت کي گهٽ کان گهٽ سطح تي بيهاري سگهجي. ان کان اڳ وزيراعظم سکر بيراج گهمي ڏٺي ۽ سنڌ جي وڏي وزير پاران بيراج جي مرمت ۽ ري ماڊلنگ جي ضرورت بابت وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته درياءَ جي بچاءَ بندن جي 24 ڪلاڪ نگراني ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته بندن کي متوقع ٻوڏ سبب وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو آهي. جڏهن ته امڪاني صورتحال کي اڳواٽ منهن ڏيڻ لاءِ صوبائي وزيرن، ايم پي ايز ۽ صوبي سان تعلق رکندڙ ايم اين ايز مٿان به ذميواري رکي وئي ته اهي بچاءَ بندن جي مضبوطيءَ واري ڪم ۽ امدادي ڪيمپن جي قيام جو بندوبست ڪن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *