سنڌ جي عوام تي زرداري ۽ باجاري نظام مسلط ٿيڻ نه ڏينداسين: حليم عادل شيخ

ميرپورخاص (رپورٽ: مختيارڪيريو)  پاڪستان تحریڪ انصاف جو ڪاري بلدیاتي قانون جي خلاف پوسٽ آفيس چوڪ کان میونسپل ڪمپلیڪس تائين  احتجاجي ریلي ڪڍي وئي.قائد حزب اختلاف سنڌ اسمبلي حلیم عادل شیخ جي ریلي ۾ شرڪت . ریلي ۾ شريڪن جا سرداري نظام نامنظور، زرداري نظام نامنظور جا نعرا ریلي کي اپوزیشن لیڊر سنڌ اسمبلي حلیم عادل شیخ، پي ٽي آئي میرپورخاص جي صدر آفتاب قریشي، ریجنل صدر خانصاحب اڪبر پلي، مرڪزي رهنما حاجي نثار آرائین ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته  اڄ میرپورخاص جي عوام به ڪاري قانون کي رد ڪيو آھي،
سنڌ جي عوام هن ڪاري قانون جي خلاف روڊن تي آھي،
سنڌ جي عوام تي زرداري ۽ باجاري نظام مسلط ٿيڻ نه ڏينداسين، سنڌ حڪومت هن ایڪٽ جي ذریعي ون ونڊو آپریشن ڪرڻ چاهي ٿي. حلیم عادل شیخ چيو ته سنڌ حڪومت کي ڪرپشن لا صرف هڪ وزیر کپي،
وزیر اعلیٰ سنڌ پنهنجي بک لاهڻ لا سڀ اخيار پاڻ وٽ رکڻ چاهي ٿو،
قبضہ مافیا هاڻ سنڌ تي پنهنجا  جعلي قبضہ ڪرڻ چاهين ٿا،
هي نظام سنڌ جي تباهي جو نظام آھي، هاڻ ھي تحریڪ سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ تائين پهچي  چڪي آھي،خیرپور ۾ طلباء خوشبو ڀٽي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هي وڏيرن جون کريل اولادون آھن، فوزیہ خاصخیلي جا وارث پریس ڪلب جي ٻاهر انصاف جا منتظر آھن هڪ سال کان ٻارڙي لاپتہ آھي پولیس خاموش آھي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *