سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير 18 آڪٽوبر ۽ 27 ڊسمبر سانحن جي فوج کان جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم 18 آڪٽوبر ۽ 27 ڊسمبر 2007 جي سانحن جي جاچ فوج کان ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اهو معلوم ڪيو وڃي ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت مان ڪنهن کي فائدو ٿيو. اهڙو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس بعد لياقت علي جتوئي ۽ مسلم ليگ نواز جي ايم پي اي اعجاز شاهه شيرازي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. لياقت جتوئي چيو ته پي پي جي سنڌ حڪومت ختم ٿيڻ بعد نه صرف پارٽي ڌڙا بندي ٿيندي پر ماڻهو پي پي وارن کي رستن تي گهليندا. اعجاز شاهه شيرازي الزام هنيو ته آصف علي زرداري ٺٽي ۾ ساڍا 3 لک ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو آهي. ارباب رحيم چيو ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف فوج جي ذريعي محترمه بينظير ڀٽو جي قتل جي جاچ ڪرائي ۽ جاچ بعد اهو ڪيس ملٽري ڪورٽ ۾ هلايو وڃي ته جيئن اڇو ڪارو پڌرو ٿئي ڇو ته پيپلز پارٽي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي حوالي سان گهڻن ماڻهن کي بليڪ ميل ڪري رهي آهي، جن ۾ مخدوم امين فهيم ۽ ناهيد خان به شامل آهن. هن چيو ته مان فوج کان جاچ ڪرڻ جو مطالبو ان ڪري ڪري رهيو آهيان جو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ منهنجي خلاف جاچ ڪرائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، مان چاهيان ٿو ته ان ڪيس جي اصل حقيقت پڌري ٿيڻ گهرجي ته جيئن عوام کي خبر پوي ته بينظير ڀٽو جي شهادت جو فائدو ڪنهن کي ٿيو آهي. هن چيو ته اهو به فيصلو ٿيڻ گهرجي ته گذريل 5 سالن ۾ ڪهڙي ٻلي کير پيتو ۽ ڪهڙي ٻلي ملائي کاڌي. هن چيو ته اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي ٽيم به ان سانحي جي جاچ ڪئي هئي پر ڪا به خبر نه پئجي سگهي، اسان چاهيون ٿا ته اصل قاتلن تائين پهچجي. ان کان اڳ لياقت علي جتوئي چيو ته گذريل 7 سالن کان پي پي جي صوبائي حڪومت سنڌ جي خلاف قدم کڻي رهي آهي، اسان کي سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائڻ نٿو ڏنو وڃي، بندوق جي زور تي حڪومت ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته مان ڪمند جي قيمتن بابت سنڌ جي زراعت واري وزير وٽ تحريڪ استحقاق جمع ڪرائي ڇڏي آهي پر ان تي نٿو ڳالهايو وڃي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس قاعدن ضابطن موجب نٿو هلايو وڃي. هن چيو ته صرف ڪمند جي اگهه جو مسئلو ناهي پر چانورن جي قيمتن جو به وڏو مسئلو آهي، سنڌ حڪومت ڪنهن به عوامي مسئلي تي ڌيان نٿي ڏئي. لياقت جتوئي چيو ته لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۽ پاور پلانٽ ڄامشورو جي زمين تي قبضو ڪري اها زمين بلڊرز جي حوالي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ماڻهن کي اها خبر ئي ناهي ته عوام انهن کان ڪيترو ناراض آهي، اهي جڏهن پروٽوڪول ۽ اسڪواڊ مان ٻاهر ايندا ته انهن کي اندازو ٿي ويندو ته سنڌ جو عوام انهن جو ڪيئن ٿو استقبال ڪري، سنڌ جو عوام انهن کي رستن تي گهليندو. هن چيو ته پي پي جي حڪومت ختم ٿيندي ئي پارٽي ۾ ڪيترائي ڌڙا ٿي ويندا. اعجاز شاهه شيرازي چيو ته پي پي جي ماڻهن ٺٽي ۽ سجاول ۾ ٻيلي کاتي جي ساڍا 3 لک ايڪڙ زمين جعلي نالن تي قبضو ڪري رکي آهي جنهن تي صحافين سوال ڪيو ته ان قبضي ۾ ڇا سائين قائم علي شاهه به شامل آهي ته هن چيو ته توهان زرداري جو نالو ٻڌو آهي، اهو زرداري آهي جنهن قبضو ڪيو آهي. هن چيو ته مان صرف ٺٽو سجاول جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، نوابشاهه، سانگهڙ، دادو ۽ ٻين ضلعن ۾ زمينن تي قبضن جي ڳالهه نٿو ڪيان. ٻين ضلعن ۾ به گهڻا قبضا ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ٺٽي ۽ سجاول ۾ سرڪاري ملازمن جون پگهارون بند ڪيون ويون آهن، جن شيرازين کي ووٽ ڏنا هئا. اسان جي ٻنهي ضلعن ۾ ڪيترائي اسڪول بند پيا آهن. هن چيو ته پي پي جي حڪومت پاڻي جي فراهمي جي لاءِ جيڪي ريورس آسموسز (آر او) پلانٽ لڳايا هئا اهي ناڪاره ٿي رهيا آهن. مٺي ۾ لڳايل ايشيا جي سڀ کان وڏي آر او پلانٽ جي ليڪيج شروع ٿي وئي آهي حڪومت کي ڪنهن به ڳالهه جي پرواهه ناهي.ا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *