سنڌ جي اپيڪس ڪميٽي قومي ايڪشن پلان تي عمل لاءِ 4 ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته آئين ۾ 21 ترميم جو فيصلو پيپلز پارٽي خوشي يا شوق سان ناهي ڪيو پيپلز پارٽي هن ملڪ جي واحد سياسي جماعت آهي جنهن هميشه مارشل لا جي خلاف جھدوجھد ڪئي آهي. 21 ترميم کان پوءِ وفاق پاران نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاھ جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن. اجلاس ۾ ڪورڪمانڊر سنڌ، گورنر سنڌ، گھرو کاتي وارو سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز، آئي جي سنڌ ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. ان قانون موجب صوبا سمورن اهم ڪيسن جيڪي مذهبي ۽ فرقيواراڻا ڪيسن کان علاوه دهشتگردي جي ٻين ڪيسن کي وفاق کي اُماڻيون ويندو ۽ اهي ان جي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ انهن کي آرمي ڪورٽ ۾ موڪليندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس واري ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ ايپيڪس سنڌ چيپٽر جي وزير اعليٰ هائوس ۾ وزير اعليٰ سنڌ جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس کان پوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي گھرو کاتي واري سيڪريٽري نياز عباسي ۽ اطلاعات واري سيڪريٽري ذولفقار علي شالواڻي به ساڻس موجود هئا، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اجلاس ۾ 21 آئيني ترميم کان پوءِ وفاق پاران صوبي کي مليل هدايتن ۽ ان سلسلي ۾ صوبي جي ذمي ڏنل ذميوارين جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . هن چيو ته ان قانون تحت صوبا سڌو سئون آرمي ڪورٽس کي ڪو به ڪيس نه اُماڻينديون مگر صوبا اهي سمورا ڪيس جيڪي آئين ۽ قانون موجب 21 ترميم جي زمري ۾ اچن ٿا انهن کي وفاقي گھرو کاتي کي اُماڻيندي ۽ وفاقي گھرو کاتو انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري انهن کي آرمي ڪورٽس ۾ موڪليندو. هن چيو ته ان سلسلي ۾ وزير اعليٰ سنڌ آئي جي سنڌ، ۽ ڊي جي رينجرز کي هدايتون ڏنيون آهن ته هو اهي سمورا ڪيس جيڪي ان زمري ۾ اچن ٿا اهي ايپيڪس ۾ آڻين ته جيئن انهن جي مڪمل ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ انهن ڪيسن کي وفاق ڏانهن اُماڻيووڃي. هن چيو ته ايئرپروٽ سانحو، مهراڻ بيس ڪيس، 18 آڪٽوبر سانحو ۽ ٻيا دهشتگردي جا ڪيس وفاقي گھرو کاتي ڏانهن موڪلڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي ان کان علاوه اهي سمورا ڪيس جيڪي دهشتگردي جي زمري ۾ اچن ٿا انهن کي به اُماڻيو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته هن وقت 375 ڪيس اهڙا آهن جنهن تي سنڌ ۽ سپريم ڪورٽ جڏهن ته هڪ ڪيس جي ايڇ ڪيو ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي جڏهن ته 3000 ڪيس ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتاخوري جا آهن جن مان صرف 50 ڏوهارين تي ڪيس ثابت ٿيا آهن باقي رهيل ڪيس دير جو شڪار آهن جڏهن ته ڪافي ڪيسن ۾ ته ڏوهارين معزز عدالت فقط 6 ڪلاڪن جي سزا ڏئي آزاد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان جي 20 اهم نڪتن ۾ 14 نڪتا صوبائي حڪومتن جي زمري ۾ اچن ٿا ۽ انهن سمورن ڪيسن جي حوالي سان ايپيڪس ۾ غور ڪري انهن کي وفاقي گھرو کاتي جي حوالي ڪيو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ايپيڪس ڪميٽي جو سربراھ وزير اعليٰ سنڌ هوندو جڏهن ته وڌيڪ چار ذيلي ڪميٽين ۾ ايگزيڪٽيو ڪميٽي ۽ ليگل ڪميٽي جو اڳواڻ گھرو کاتي وارو سيڪريٽري هوندو ان کان علاوه جانچ ۽ ميڊيا ڪميٽي به جوڙي وئي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اجلاس ۾ صوبي بابت اهم فيصلا ڪيا ويا آهن، جنهن تحت سموري صوبي ۾ هاڻ ڪرائي تي گھر ڏيڻ ۽ وٺن واري کي رجسٽريشن ڪرائڻي پوندي ۽ ان بابت جلد ئي قانون ۾ ترميم ڪئي ويندي. صوبي ۾ موجود غير ملڪين ۽ افغان مهاجرن جي خلاف ڀرپور ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ صوبي جي سمورن ڊويزنل ڪمشنرن کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي ته هو بلڊرن، پٽرول پمپ مالڪن، هوٽلن ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ سرن جي ڀٽي مالڪن، دڪاندارن ۽ گھرن جي مالڪن سان رابطو ڪري انهن کان آگاهي حاصل ڪندا ۽ انهن کي باور ڪرايو ويندو ته هو انهنن وٽ موجود غير قانون تاريڪ وطن ۽ افغان مهاجرن کي فوري طور تي پاڻ وٽان هٽائين. هن چيو ته سول سوسائٽي، گھرن ۽ دڪار جي مالڪن تي به اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته هو پاڻ وٽ رکيل نوڪرن جي ڪاغذن  ۽ شناختي ڪارڊ جي مڪمل جانچ پڙتال ڪرڻ کان پوءِ کين نوڪري تي رکن ۽ ان سموري عمل لاءِ وقت ڏنو ويندو. هن چيو ته ان بابت نادرا سان رابطي ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته هو غلط شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ کي روڪڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي صوبي ۾ دهشتگردن ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ 1 هزار جوانن تي مشتمل ڪائونٽر ٽيررزم فورس (انسداد دهشتگردي فورس) قائم ڪئي وڃي ۽ ان فورس ۾ اهل ۽ ميرٽ تي ڀريتن جي حوالي سان وزير اعليٰ سنڌ پاران هڪ مانيٽرنگ ڪميٽي جوڙي پئي وڃي. شرجيل انعام ميمڻ اجلاس کي ٻڌايو ته صوبي ۾ 270 سڪيورٽي ڪمپنين ۾ 60 هزار کان وڌيڪ ملازم ڪم ڪري رهيا آهن جن ۾ غير قانوني طارقين وطن، افغان مهاجر ۽ ڏوهارين جي موجودگي جي رپورٽ آهي، جنهن تي فيصلو ڪيو ويو آهي ته انهن سمورين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويندي ۽ جيڪڏهن اهڙو ملوث هوندو ته ان خلاف سخت قدم کنيون ويندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صوبي جي سمورن داخلي ۽ خارجي رستن تي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون وڃن جنهن جو مقصد ٻئي علائقن مان صوبي ۾ داخل ٿيندڙن جي رجسٽريشن کي يقيني بڻائڻ آهي. هن چيو ته اجلاس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صوبي ۾ 500 ٽارگيٽ ڪلرن ۽ 450 ڏوهارين ۽ ڀنگ خاطر اغوا ۾ ملوث ڏوهاري مفرور آهن جنهن تي انهن سمورن جي سرن جي قيمت به مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته عوام ۽ ڳجھن ادارن جي مدد سان انهن سمورن ڏوهارين کي گرفتار ڪري سگھجي. هن چيو ته لائوڊ اسپيڪر، وال چاڪنگ ۽ نفرت انگيز لٽريچر جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ به سخت اُپاءَ وٺڻ لاءِ وزير اعليٰ سنڌ هدايتون جاري ڪيون آهن ۽ سمورن لاڳاپيل کاتن کي هدايتون ڪيون ويون آهن ته هو اڄ جي اجلاس ۾ ٿيل سمورن فيصلن تي سختي سان عمل ڪن. هن چيو ته هن وقت ملڪ جا سمورا اسٽيڪ هولڊرز جن ۾ سياسي جماعتون ، پاڪ فوج ۽ امن امان بحال ڪندڙ ادارا هڪ نڪتي تي متفق آهن ته صوبي ۽ ملڪ مان دهشتگردي ۽ ۽ انتها پسندي کي ختم ڪيو وڃي ۽ اڄ جي اجلاس ۾ ڪورڪمانڊر سنڌ پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريون آهي. صولت مرزا جي ڦاهي کي روڪڻ بابت سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ان جا حڪم وفاقي گھرو کاتي پاران آيا آهن ان ڪري ان سوال جو جواب وفاقي گھرو وزير ئي ڏئي سگھي ٿو. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سوشل ميڊيا ۽ ٻين ذريعن تي جھڙي قسم جون خبرون هليون آهن ته هاڻ اسان کي ملڪ مان دهشگردي ۽ انتها پسندي لاءِ سنجيده اُپاءَ وٺڻا پوندا . ملٽري ڪورٽ جي تعداد ۽ اهي ڪٿي ڪٿي بڻجنديون جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان بابت سمورا ختيار وفاقي حڪومت وٽ آهن ان جو جواب به اهي ئي ڏئي سگھن ٿا. اسان جو ڪم دهشتگردي، مذهبي انتها پسندي ۽ فرقيواريت جي زمري ۾ ايندڙ سمورا اهم ڪيسز کي ايپيڪس جي ذريعي وفاقي گھرو کاتي ڏانهن موڪلڻ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 21 ترميم جو فيصلو پيپلز پارٽي خوشي يا شوق سان ناهي ڪيو ، پيپلز پارٽي هن ملڪ جي واحد سياسي جماعت آهي جنهن هميشه مارشل لا جي خلااف جھدوجھد ڪئي آهي. اسان عوام جي جماعت آهيون ۽ هن ملڪ ۾ جتي معصوم ٻارن، پوليس آفيسرن، نوجوانن ۽ قومي ادارن تي حملا ٿيندا ته اتي اهڙي قسم جا مشڪل ۽ سخت فيصلا عوامي مفاد لاءِ ضروري ٿي ويندا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *