سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو، ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌي جهومي اٿيا، عيد جا منظر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي ڪروڙين وارثن ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو، ننڍن وڏن شهرن،ڳوٺن،وستين ۽ واهڻن ۾ ريليون ڪڍي مختلف پروگرام منعقد ڪري سنڌ جي سينڌ کي سنوارڻ جو وچن ورجايو ويو، ثقافتي عيد جي موقعي تي ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سنڌين جو سمنڊ رستن تي نڪري آيو، چوطرف اجرڪ ٽوپيءَ وارن جو مان مٿانهون نظر اچي رهيو هو سنڌي ثقافت جي رنگن راڄڌاني واري شهر ڪراچيءَ جي سونهن کي چارچنڊ لڳائي ڇڏيا. ڪراچي ۾ ثقافت ڏهاڙي جي مک تقريب پريس ڪلب آڏو منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شرڪت لاءِ وڏي انگ ۾ ڌرتي ڌڻين جي پريس ڪلب آمد جو سلسلو جاري رهيو، گلشن،حديد، پپري،رزاق آباد، ملير،ڀٽائي آباد، سچل ڳوٺ،ابراهيم حيدري،گلشن معمار، پي آءِ اي ڪالوني، سنڌي مسلم سوسائٽي،لياري ۽ ٻين علائقن ۾ به سنڌي ثقافت جا رنگ وکري پيا . حيدرآباد شهر ۾ عيد جي خوشين جهڙا منظر ڏسڻ ۾ ايا، مختلف هنڌن تي نوجوان، ٻار، پيرسن ۽ سياسي ورڪر اجرڪ ٽوپيون پهري رقص ڪري رهيا هئا، نوابشاهه شهر به سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جي رنگن سان جرڪي پيو، جسقم، جساف پاران سرفراز ميمڻ،باقي بروهي ۽ ناصر شاهه جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. نوابشاهه ۾ ايس ٽي پي پاران پڻ نثار ڪيرئي ۽ اطهر شاهه جي اڳواڻي ۾ به ثقافتي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سمورن طبقن سان لاڳاپيل ماڻهن بنا ڪنهن فرق جي شرڪت ڪئي. سجاول جي گرلز هاءِ اسڪول ۾ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ شاگردياڻين ٽيبلوز پيش ڪيا،جڏهن ته شهري اتحاد پاران ڊگري ڪاليج ۾ تقريب ڪوٺائي وئي. ميهڙ ۾ ثقافتي ڏهاڙي تي جسقم، پ پ ، عوامي تحريڪ، صحافين پاران عبدالخالق ٻگهئي، جاويد سومري،محرم بروهي، بابل ايري ۽ عبدالله سومري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ڪوٽڙي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ مختلف تنظيمن ايس يو پي، جسقم، عوامي جمهوري پارٽي، ايس ٽي پي، پ پ شهيد ڀٽو پاران ريليون ڪڍيون ويون. گمبٽ جي صادق پبلڪ ڪاليج ۾ ڪوٺايل ثقافتي تقريب ۾ ٻارڙن قومي گيتن تي جهريون هڻي ڀرپور خوشيءَ جو اظهار ڪيو. ڊکڻ ۾ سياسي،سماجي ڌرين پاران ثقافتي ريلي ڪڍي، دهل ۽ شرنائين تي جهمريون هنيو ويون. ٽنڊي آدم ۾ جيئي سنڌ محاذ، ايس يو پي ۽ پ پ يوٿ پاران ثقافتي ريليون ڪڍيون ويون. ڏهرڪي ۾ سياسي، سماجي۽ ٻين ڌرين پاران ثقافتي ڏهاڙي تي ريليون ڪڍي قومي گيتن تي جمهريون هنيون ويون. تنگواڻي ۾ شهرين پاران ثقافتي ريلي ڪڍي دهل شرنائين تي جمهريون هنيون ويون. ميرپورخاص ۾ زيبسٽ ۽ لٽل فوڪس اسڪول ۾ ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن اجرڪ ۽ ٽوپيون پهري شرڪت ڪئي. ميرپور بٺوري ۾ سياسي، سماجي ڌرين توڙي شاگردن پاران علي بندر تائين ثقافتي ريلي ڪڍي وئي. هڱورجا جي مهراڻ ماڊل اسڪول ۾ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي،جڏهن ته وارهه ۾ به مختلف سياسي، سماجي ۽ ادبي ڌرين پاران سني ڪاڪيپوٽي ۽ وحيد ڪلهوڙي، جي اڳواڻي ۾ سوين شهرين پاران ريلي ڪڍي رت جا ڏيئا ٻاري شهيدن کي ڀيٽا ڏني وئي. نئين دمبالي ۾ شهرين ثقافتي ڏهاڙو ملهائي ڀرپور خوشيءَ جو اظهار ڪيو، جڏهن ته پنگرئي ۾ پريس ڪلب آڏو ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي. دوڙ ۾ ايريگيشن گرائونڊ تي نوجوانن طرفان ثقافتي ميلو منعقد ڪيو ويو،جنهن ۾ سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ٽوپي، اجرڪ، مٽي جي ٿانون ۽ ڪتابن سميت ٻين شين جا پڻ لڳايا ويا. دوڙ ۾ ئي ايس ٽي پي ڪارڪنن سليم آرائين جي اڳواڻي ۾ ثقافتي ريلي به ڪڍي وئي. فيض گنج ۾ جسقم جي سڏ تي شهرين ٽوپيون ۽ اجرڪ پهري ريلي ڪڍي،جڏهن ته ڳڙهي ياسين جي گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول ۽ ڳوٺ خان وڌائي جي گورنمينٽ مڊل اسڪول ۾ ڌار ڌار ثقافتي پروگرام منعقد ڪيا ويا،جنهن دوران ٻارڙن ٽيبلوز پيش ڪري گيتن تي جمهوريون هنيون. نئين دمبالي ۾ به ثقافتي ريليون ڪڍيون ويون،جڏهن ته پنگرئي ۾ مختلف پارٽين جي ڪارڪنن ۽ شاگردن ثقافتي ويس پهري پريس ڪلب ڏانهن مارچ ڪيو. هالا جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ منقعد ڪيل رنگا رنگ تقريب ۾ شهر جي مختلف اسڪولن جي ٻارڙن سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي گيتن تي جمهريون هنيون. پيرجوڳوٺ ۾ محمد جمن راڄڙ جي گھر ۾ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ هٿ سان ٺهيل شين رليون،گج ونجڻا،پرس،دلا ۽ ٻيون شيون نمائش لاءِ رکيون ويون. گولاڙچي ۾ پ پ،ن ليگ، گسٽا، جسقم ۽ ٻين پارٽين پاران ريليون ڪڍيون ويون، جڏهن ته شهيد فاضل راهو چوڪ تي هزارين ماڻهن گڏجي رقص ڪيو،جڏهن ته مختلف اسڪولن جي انتظاميا پاران به پروگرام منعقد ڪيا ويا. سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ رتيدري جي مختلف علائقن ۾ جميل پبلڪ اسڪول ۽ اقصيٰ اسڪول جي انتظاميه پاران ريلي ڪڍي وئي،جڏهن ته منگي برادريءَ جي ماڻهن به ثقافتي لباس پهري ريلي ڪڍي. نئين ديري ۾ ثقافتي ڏهاڙي تي عيد جهڙو ماحول پيدا ٿي ويو،جسقم پاران عبدالحميد سومري جي اڳواڻيءَ ۾ ميونسپل چوڪ تي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي. نئين ديري جي چنگچي ڊرائيورن پاران دهل شرنائن سان ريلي ڪڍي ڳڙهي خدابخش ۾ شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد رتيديري پهچي شهيد بشير خان قريشيءَ جي مزار تي پڻ سلامي ڀري. نئين ديري ۾ ئي سپاف سٽي طرفان جاويد ڀُٽي ۽ پ پ يوٿ پاران منصور سومري، اصغر ناريجي، حليم ناريجي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ثقافتي ريلي ڪڍي وئي. جيڪب آباد ۾ هزارين شهري ۽ مختلف قومپرست توڙي سياسي سماجي تنظيمن جا ڪارڪن رستن تي نڪري آيا، جنهن دوران سنڌي ثقافت جي حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي. ڪنڌ ڪوٽ ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن اسڪولي شاگردن ۽ شهرين سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پهري قومي عيد جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهائي رقص ڪيو. سنڌڙي ۾ پريس ڪلب آڏو موسيقيءَ جي تقريب ڪوٺائي وئي،جنهن ۾ مقامي فنڪارن گيت ڳائي ڌرتيءَ سان محبت جو اظهار ڪيو،جڏهن ته ڦلهڏيون ۾ نياز مري، حفيظ مري ۽ انور مريءَ جي اڳواڻي ۾ ثقافتي ريلي پڻ ڪڍي وئي. اٺهٺ موري ڀرسان ڳوٺ دهراب خان چانڊئي جي اسڪول ۾ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي،جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي. منهڙي ۾ نيشنل پريس ڪلب جي صدر غلام محمد ڀٽي ۽ پ پ اڳواڻ الهبچائي جمالي،غلام قادر ڏاهري، علي اصغر ڀٽي ۽ شوڪت لاشاري جي اڳواڻي ۾ موٽرسائيڪل ريلي ڪڍي مٺائي ورهائي وئي. ڍوري ناري ۾ مختلف تنظيمن جسقم، ڀيل باشعور فورم،فشرڪ فوڪ فورم،ايس ٽي پي، ايس يو پي ، پي پي پاران راجا ڪبير راڄڙ، عارف قريشي، گل حسن سمي، سومار ڀيل ۽ جلال ڀيل جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *