سنڌ تي مڙھيل حڪومت سنڌ مخالف ڇو آھي؟، نقصان سنڌ جي ماڻھن جو پيو ٿئي: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٽرانسپيرنسي جو سروي هجي يا ڪوئي ٻيو سروي ڊگهي عرصي کان پوءِ سياسي حڪومت بابت اعتماد ظاهر ٿيوآهي ته هو ڪرپٽ عنصرن تي ٻڌل نه آهي، عوام کي وزيراعظم جي ذات تي اعتماد آهي ته هو ذاتي مفادن لاءِ ڪوئي ڪم نه ڪندو 89 سيڪرو ماڻهو ڪرونا تي حڪومتي قدمن جي تائيد ڪن ٿا هي وڏي ڪاميابي آهي.   فواد حسين چيو ته اپوزيشن ناني ويڙهو آهي نفرت تي ٻڌل پاليسيون ناهن هلنديون 23 مارچ تائين پي ڊي ايم بچي ته لانگ مارچ ڪري وٺندي ڪووڊ کان پوءِ ٽرانسپيرنسي انترنيشنل سروي ۾ اها ڳالهه حولو ڏيندڙ آهي ته پهريون ڀيرو ڪنهن سياسي حڪومت تي ڪرپسن جو ڪوئي شڪ نه آهي پاڪستان ۾ هڪ اهڙو وزيراعظم موجود آهي جنهن تي ان جا مخالف به يقين رکن ٿا پاڪستان جي ماڻهن کي ڊگهي عرصي کان پو3 اهڙي حڪومت ملي آهي جنهن تي ڪرپشن جو الزام نه آهي. سياسي حڪومت تي اعتماد بهال ٿي رهيو آهي 89 سيڪرو ماڻهن ڪرونا ۾ حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ قدمن تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي دنيا ۾ گهٽ مثال موجود آهن ته ڪرونا وبا کان پو3 ڪوئي ملڪ 5 سيڪڙو تي ترقي ڪري رهيو آهي اسان جي معاشي گروٿ جا انگ اکرن آئي ايف ايف به تسليم ڪري رهيو آهي اسان پنج سيڪرو گروٿ ريٽ کان به مٿي وينداسين سڃاڻپ ڪارڊ ئي هيلٿ ڪارڊ هوندو ڪنهن به سرڪاري اسپتال ۾ علاج مفت ٿيندو 50 هزار کان گهٽ ڪمائي وارن ماڻهن کي اٽي دال ۽ گيهه تي 30 سيڪڙو رعايت ملندي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته زرعي شعبي ۾ گذريل سال اٽڪل 400 ارب رپيا ڪمائي ٿي هارين کي ڪڻڪ جي گروٿ ۾ 188 ارب رپيا، ڦٽي جي گروٿ ۾ 138 ارب رپيا، چانورن ۾ 46 ارب رپيا ۽ مڪئي ۾ 3 ارب رپيا، ڪمند ۾ 96 ارب رپينجي وڌيڪ آمدني ٿي وفاقي وزير  چيو ته وڏيڪ آمدني جيڪري ٽريڪٽرز گاڏيون زرعي سامان يوريا ڀاڻ جي کپت ۾ اضافو ٿيو وفاقي وزير چيوت ه پاڪستان ۾ يوريا ڀاڻ جيقيمت 1700 رپيا آهي دنيا ۾ قيمت 10 هار رپيا آهي جيڪڏهن هڪ ٽرڪ ڀاڻ ٻاهرين ملڪ موڪلي وڃي ته 70 کان 80 لک رپيا فائيدو ٿيندو وفاقي وزير چيو تهمهانگائي سبب وزيراعطم عمران خان پاڪستانجي تاريخ جي سڀ کان وڏي سوشل پروٽيڪشن پروگرام جو اعلان ڪيو خيبرپختونخوه ۽ پنجاب جي هر شهري کي 10 لک رپين تائين علاج جي سهولت مهيا ٿيندي وفاقي وزير چيو ته هيسهولت بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي شهرين کي به فراهم ڪئي ويندي اهڙي قسم جي پروگرام جو دنيا ۾ مثال نٿو ملي برطانيا ۾ نيشنل هيلٿ سروسز ۾ ماڻهن کي علاج جي سهولت لاءِ پريميئم ادا ڪرڻو پوي ٿو. وفاقي وزير چيوت ه سنڌ جي نمائندنکي پنهنجي وڏي وزير کان سوال پڇڻ گهرجي ته اهي سنڌ جي عوام کان ڇا جو انتقام وٺي رهيا آهن سنڌ حڪومت جي پاليسي جي نقصان سنڌ جي ماڻهن کي ٿي رهيو آهي. ملڪ ۾ اٽو سستو پر ڪراچي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي مهانگو ملي رهيو آهي. سڄي ملڪ ۾کنڊ جي قيمت 90 رپيا آهي حيدرآباد ۽ سنڌ ۾ 97 کان هڪ سئو رپين جي وچ ۾ آهي. اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا هنچيو ته اڄ پاڪستان جي سياسي قيادت جي ساک ۾ اضافو ٿيو آهي. اپوزيشن ناني ويڙهو آهي نفرت تي ٻڌل پاليسيون ناهن هلنديون پنهنجو ايجنڊا ماڻهن اڳيان رکڻو پوي ٿو هن چيو ته اپوزيشن ريت جي ڀت آهي هي ڀيهن ٿا ۽ وري ڪري پون ٿا اپوزيشن ٿڪل پهلوانن جو ٽولو آهي 23 مارچ تائين پي ڊي ايم رهندي ته لانگ مارچ ڪري وٺندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *