سنڌ بينڪ ماضي ۾ ڏاڍو سٺو ڪم ڪيو ، نيب جي تازين ڪارروائين کان پوءِ مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن: سعيد غني

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت قيدين جي فلاح لاءِ وڏو فيصلو ڪري ورتو. سزا يافته قيدين جي اولاد جو تعليمي خرچ حڪومت پاڻ ادا ڪندي. سنڌ جي گهرو کاتي موجب حڪومت قيدين جي فلاح لاءِ وڏو فيصلو ڪندي سزا يافته قيدين جي تعليم جو بار پنهنجي ڪلهن تي کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. فيصلي کان پوءِ سڄي سنڌ جي جيلن ۾ سزا يافته قيدين جي سروي شروع ڪئي وئي آهي جڏهن ته سزا يافته قيدين جي ٻارن جا دستاويز به گڏ ڪيا ويا وڃن ۽ قيدين جي ٻارن جا انگ ۽ انهن جون عمرون به ڏٺيون پيون وڃن. جيلن ۾ موجود ڪجهه قيدي پنهنجي گهرن جا واحد ڪفيل آهن ان ڪري ٻارن جي ڪاليج جي سطح تائين جا تعليمي خرچ حڪومت اسدا ڪندي. گهرو کاتي موجب سنڌ جي مختلف جيلن مان سزا يافته قيدين جي ٻارن جي شروعاتي ڊيٽا ملڻ شروع ٿي وئي آهي. سروي مڪلم ٿيڻ تي سزا يافته قيدين جي ٻارن کي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ داخل ڪرايو ويندو. سزا يافته قيدين جي ٻارن لاءِ تعليمي خرچ کڻڻ وارو قدم جيل ايڪٽ جي تحت ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت مئي 2019ع ۾ سنڌ پريزن اينڊ ڪريڪشنل فيسليٽيز ايڪٽ اسميبلي مان منظور ڪرايو هو. ان کان اڳ سنڌ حڪومت بزرگ قيدين کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو هو ته پيرسن ۽ بيمار قيدين جي آزادي سنڌ پريزن ايڪٽ جي تحت ڪئي ويندي، سنڌ جو جيل خانه جات وارو کاتو 5 بيمار ۽ پيرسن قيدين کي آزاد ڪري چڪو آهي. سنڌ جي گهرو کاتي چوڻ هو ته ڪنهن سر وڃائيندڙ بيماري ۾ مبتلا قيدين کي به آزاد ڪيو ويندو، پيرسن ۽ خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا قيدين جي آزادي جو فيصلو ميڊيڪل بورڊ جي ذريعي ٿيندو. سنڌ حڪومت 60 سالن جي عورت قيدياڻين کي سزا جو اڌ حصو مڪمل ڪرڻ تي آزادي فيصلو ڪندي چيو ته 65 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي مرد قيدين کي ڄاڻايل قانون جي تحت آزادي ڏني ويندي، پيرسن ۽ بيمار قيدين جي آزادي سنڌ پريزن ايڪٽ جي تحت ٿيندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *