سنڌ بئراج منصوبي جي منظوري، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم جو مسئلو حل ٿيڻ جي دعويٰ

ڪراچي (م.ڊ) وزيراعظم عمران خان سنڌ بئراج منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جاري ٿيل بيان موجب وزيراعظم طرفان منظوري ڏيڻ بعد سنڌ بئراج جي اڏاوت سان ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ ۽ ڪراچي ۾ پاڻي کوٽ ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. سنڌ بئراج منصوبو سنڌو درياءَ تي سمنڊ کان 45 ڪلوميٽر مٿانهين طرف اڏيو ويندو ۽ سال 2024ع تائين پورو ٿيندو. بيان موجب وزيراعظم عمران خان طرفان سنڌ بئراج منصوبي جي منظوري سنڌ اندر پاڻي وسيلن کي هٿي ڏيارڻ جي حوالي سان هڪ تاريخي وِک آهي، جيڪو خاص ڪري ڪوٽري بئراج کان هيٺ علائقن ۾ ترقيءَ لاءِ مُک ڪردار ادا ڪندو ۽ ساحلي پٽيءَ تائين سامونڊي پاڻيءَ جي چاڙهه کي روڪڻ ۾ به مدد مهيا ڪندو. اُن کانسواءِ تمر جي ٻيلن ۽ آبي جيوت جي واڌ ويجهه توڙي ڀرپاسي جي وڏي آبادي کي مٺو پاڻي مهيا ڪرڻ ۾ به هن منصوبي ذريعي مدد ملندي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته واپڊا ايندڙ مهيني منصوبي جي فزيبلٽي رپورٽ تي ڪم شروع ڪندي، هلندڙ سال جي ڊسمبر مهيني تائين عالمي ڪنسلٽنٽ طرفان فزيبلٽي اسٽڊي جو جائزو ورتو ويندو. فزيبلٽي اسٽڊي ۽ تفصيلي انجنيئرنگ ڊزائين مڪمل ٿيڻ بعد سنڌ بئراج تي اڏاوتي ڪم جي شروعات جنوري 2022ع ۾ ٿي ويندي، اهو ڪُم 2024ع تائين پورو ٿيڻ جي توقع آهي. بيان موجب سنڌ بئراج منصوبو ٺٽي کان 65 ڪلوميٽر ڏکڻ ۽ڪراچي کان 130 ڪلوميٽر اوڀر پاسي تعمير ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *