سنڌ اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس، ڪراچي آپريشن منطقي انجام تائين پهچائڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايپيڪس ڪميٽي سنڌ، ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف جاري آپريشن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٽارگيٽڊ ڪارروايون جاري رکڻ جو فيصلو ڪندي پابندي مڙهيل تنظيمن تي قربانيءَ جون کلون گڏ ڪرڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. اپيڪس ڪميٽي سنڌ جو اجلاسوڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ سي ايم هائوس ڪراچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار،ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. ايپيڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو، جڏهن تڪراچي آپريشن جي نتيجن تي اطمينان جو اظهار ڪندي دهشتگردن ۽ ٽارگيٽ ڪلرز خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ايپيڪس ڪميٽي سنڌ جي اجلاس دوران پابندي مڙهيل تنظيمن مٿان قربانيءَ جي جانورن جون کلون گڏ ڪرڻ تي پابندي مڙهڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سنڌ جي اطلاعات واري وزير نثار احمد کهڙي ٻڌايو ته ايپيڪس ڪميٽيءَ، سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگيءَ جي ساراهه ڪئي. نثار احمد کهڙي چيو ته ڪراچي آپريشن جو مقصد ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ دهشتگردي جو خاتمو آهي،جنهن جا گهربل نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. سينيئر صوبائي وزير ٻڌايو ته سنڌ ۾ مدرسن جي رجسٽريشن وڏو مسئلو آهي،سنڌ ۾ 9 هزار پنج سو نوي مدرسا آهن،جن مان ڇهه هزار پنج سئو رجسٽرڊ آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ نثار احمد کهڙي چيو ته ايم پي اي علي نواز شاهه کي نيب سزا ٻڌائي آهي،جنهن خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي،نيب سدائين ريفرنس تحت ڪارروائي ڪندي آهي،پاڻمرادو نوٽيس تي وفاقي جاچ ادارن کي ڪارروائي جو اختيار ناهي. هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ فوجي عدالتن جو انگ وڌائڻ تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ سمورين اين جي اوز جي ٻيهر رجسٽريشن ڪري سندن ڪارڪردگي ۽ مالي وسيلن تي نظر رکي ويندي. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ڪراچيءَ کي وڌيڪ خوبصورت ۽ عوام جي زندگي کي پرسڪون بڻائڻ چاهي ٿي، بندوق کڻڻ سان شهر جو مسئلو حل نه ٿيندو. اطلاعات واري صوبائي وزير چيو ته سنڌ ۾ 257 سيڪيورٽي ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن، جن کي سيڪيورٽي ڪليئرنس ملڻ گهرجي، ڪنهن به سيڪيورٽي ايجنسي ۾ پرڏيهي ملازم نه هجڻ گهرجي. نثار احمد کهڙي وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ اڍائي هزار ڪيمرائون لڳايون ويون آهن، جڏهن ته ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول جي نظام کي بهتر بڻايو پيو وڃي. سنڌ جي سينيئر وزير ٻڌايو ته صوبي اندر ويهه لک غيرقانوني افغاني پناهگير موجود آهن. نثار احمد کهڙي وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ پهريون ڀيرو مڪاني چونڊون پارٽي بنيادن تي ٿي رهيون آهن،جڏهن ته پابندي مڙهيل تنظيمن کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *