سنڌ ايراضي جي رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ لاءِ پنجاب کان مدد گهري ورتي

لاهور (اين اين آءِ) سنڌ صوبي ايراضي جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ لاءِ پنجاب کي درخواست ڪري ڇڏي، اها درخواست سنڌ صوبي جي سينئر بورڊ آف روينيو شعيب احمد صديقي جي ٰ سربراهي ۾ اعليٰ آفيسرن بورڊ آف روينيو جي اجلاس ۾ ڪئي. ان موقعي تي سينئر بورڊِ آف روينيو پنجاب نديم اشرف کيس بريفنگ ڏيندي چيو ته پنجاب ۾ ايراضي رڪارڊ جي شفاف ۽ با سهولت خدمتن جي فراهمي لاءِ پنجاب جي وڏي وزير جي خاص توجهه جي ڪري لينڊ رڪارڊ مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم منصوبا تيزي سان مڪمل ٿيڻ ڏانهن وڌي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته پوري پنجاب جي سمورن 143 تعلقن ۾ قائم ايراضي رڪارڊ سينٽرز جي ذريعي لکين ايراضي مالڪن کي 30 منٽن ۾ ڪمپيوٽرائيزڊ فرد ۽ 50 منٽن ۾ تصديق انتقال جون خدمتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هڪ محتاط اندازي مطابق گذريل مهيني دوران انهن سينٽرز ۾ 7706 ڪميپوٽرائيزڊ فردات جي جاري ۽ 24809 تصديق انتقالات سان ساڍا 73 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم حڪومتي خزاني ۾ جمع ڪرائي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *