سنڌ اسيمبلي ۾ ڪراچي کي 650ميگاواٽ بجلي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو ٺهراءُ منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ ڪراچي کي 650ميگاواٽ بجلي جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ اقليتن جي 5 سيڪڙو ڪوٽا تي عملدرآمد وارا ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيا ويا، جڏهن ته شهر يار مهر جي مخالف ڌر اڳواڻ کي پي اي سي چيئرمين بڻائڻ واري رٿ ۽ متحده جي محمد حسين جي تعليم کاتي ۾ هڪ لک گوسڙو ملازمن بابت مهملي واري رٿ رد ڪئي وئي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران فنڪشنل ليگ جي ميمبر نصرت سحر عباسي سوال اٿاريو ته ورڪس اينڊ سروسز کاتي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ٿي آهي پر الزام هيٺ آيل ايڪسين منير عباسي ۽ ٻين عملدارن کي ٻيهر مقرر ڪيو ويو آهي. ورڪس اينڊ سروسز واري وزير هزار خان بجاراڻي چيو ته منير عباسي ۽ ٻين عملدارن کي چيف سيڪريٽري الزامن کان آجو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري کين ٻيهر مقرر ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم جي پونجو مل ڀيل چيو ته اينٽي ڪرپشن کاتو بدعنوانين ۾ ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ اينٽي ڪرپشن کاتو آنٽي کاتو بڻجي ويو آهي. ان موقعي تي اسپيڪر اينٽي ڪرپشن کاتي جي وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته رڳو ننڍن ملازمن خلاف ڪارروائي نه ڪريو پر وڏن عملدارن کي به انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيو. اجلاس دوران ف ليگ جي نندڪمار گوڪلاڻي سرڪاري نوڪرين ۾ اقليتن لاءِ مخصوص 5 سيڪڙو ڪوٽا تي عملدرآمد بابت ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي. اجلاس دوران متحده جي خالد احمد ڪراچي کي 650 ميگاواٽ بجلي جي فراهمي يقيني بڻائڻ وارو ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي به اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي. اجلاس دوران شهر يار مهر رٿ پيش ڪئي ته چارٽر آف ڊيموڪريسي تحت پي اي سي چيئرمين مخالف ڌر جو اڳواڻ ٿيڻو آهي، جنهن تي وفاق ۾ عمل ٿي رهيو آهي پر سنڌ ۾ ان تي عمل نه پيو ٿئي. پ پ ميمبرن پاران رٿ جي مخالفت سبب شهر يار مهر جي رٿ رد ڪئي وئي. شهر يار مهر ڳالهائيندي چيو ته سندس رٿ رد ڪئي وئي ته هو سنڌ جي عوام کي ٻڌائيندو ته بينظير جي نالي تي اربين رپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي. اجلاس دوران متحده جي محمد حسين تعليم کاتي ۾ هڪ لک گوسڙو ملازمن بابت التويٰ واري رٿ پيش ڪئي، جنهن جي تعليم واري وزير نثار کهڙو پاران مخالفت ڪرڻ سبب ان کي رد ڪيو ويو. اجلاس دوران نصرت سحر عباسي طئي ٿيل فارمولا تحت ڊاڪٽرن کي پروموشن نه ملڻ خلاف رٿ پيش ڪئي، اها به پ پ ميمبرن جي مخالفت سبب رد ڪئي وئي. سنڌ اسيمبلي ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر ڪارروائي جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *