سنڌ اسيمبلي ۾ ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کان الڳ ڪرڻ جو بل رد

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کان الڳ ڪرڻ ۽ ڪراچي جي ميئر کي ان جو چيئرمين مقرر ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن اڱاري تي سنڌ اسيمبلي ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ تحريڪ پيش ڪئي جنهن کي ايوان اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول ترميمي بل 2016 ايم ڪيو ايم جي ميمبرن سيد خالد احمد، محمد معين، عامر پيرزادو ۽ افتخار عالم متعارف ڪرائڻ لاءِ تحريڪ پيش ڪئي، نثار احمد کهڙو ان بل جي مخالفت ڪئي، اسپيڪر ان تحريڪ تي راءِ شماري ڪرائي، ايوان اڪثريت سان ان تحريڪ کي رد ڪري ڇڏيو، ان کان اڳ ايم ڪيو ايم جي محمد دلاور قريشي جي به تحريڪ ملتوي ڪئي وئي، تحريڪ ۾ چيو ويو ته اسپتالن خاص ڪري حيدرآباد جي اسپتالن ۾ مريضن کي دوائون نه پيون ڏنيون وڃن، نثار کهڙو چيو ته حڪومت ڪوشش ڪري ٿي ته اسپتالن ۾ مريضن کي دوائون فراهم ڪيون وڃن، ان جو ڪو ثبوت فراهم ناهي ڪيو ويو ته ڪهڙي اسپتال ۾ ڪهڙي مريض کي دوائون فراهم ناهن ڪيون ويون، اسپيڪر تحريڪ کي ضابطي خلاف قرار ڏئي ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *