سنڌ اسيمبلي ۾ شڪارپور سانحي خلاف گڏيل مذمتي ٺهراءُ منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ شڪارپور سانحي خلاف گڏيل مذمتي ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو، ميمبرن واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبائي سطح تي انٽيليجنس ادارو قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج درانيءَ جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ شڪارپور سانحي خلاف گڏيل مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو ويو جيڪو ڪجهه دير بحث کانپوءِ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. ٺهراءَ ۾ ميمبرن چيو ته شڪارپور واقعو قومي سانحو آهي، شهيدن جي معاوضي ۾ واڌ ۽ زخمين کي بنا دير معاوضو ڏنو وڃي. ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ حفاظتي قدم سخت ڪرڻ ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبائي سطح تي انٽيليجنس ادارو قائم ڪيو وُڃي. اسيمبلي ميمبرن،چيف جسٽس آف پاڪستان کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو ته شڪارپور واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. ميمبرن سنڌ ۾ افغانين ۽ ٻين پرڏيهين جي وڌندڙ آبادڪاري تي ڳڻتي جو اظهار پڻ ڪيو. فنڪنشل ليگ ميمبر امتياز شيخ چيو ته شڪارپور واقعو قومي سانحو آهي، وزيراعظم ۽ گهرو وزير جي ڪراچي ۾ موجودگي باوجود متاثرن سان رابطو نه ڪرڻ افسوسناڪ آهي. امتياز شيخ مطالبو ڪيو ته چيف معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. هن اهو به مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت شهيدن جي وارثن لاءِ معاوضو وڌائي 50 لک رپيا ڪري ۽ سندن پوئنرن کي سرڪاري نوڪريون ڏئي. نصرت سحر عباسي چيو ته شڪارپور واقعي کان 3 ڏينهن اڳ ڌمڪي وارا پمفليٽ ورهايا ويا، پر ان باوجود امام بارگاهه تي سڪيورٽي نه ڏني وئي رڳو هڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيو ويو. هن چيو ته صحت کاتي ۾ ڀرتي ٿيل ڊاڪٽر پرڏيهه ۾ ملازمتون ڪري رهيا آهن،جڏهن ته صحت کاتي ۾ ڪرپشن به دهشتگردي آهي. اپوزيشن ليڊر شهريار مهر چيو ته شڪارپور ۾ ڏوهارين ۽ مذهبي انتهاپسندن ۾ ڳٺ جوڙ ٿي چــُڪو آهي، اهو شهر 2010ع کان دهشتگردن جي نشاني تي آهي. هن چيو ته امن امان لاءِ ڪنهن سٺي آفيسر کي شڪارپور ۾ ٽِڪڻ نه ٿو ڏنو وڃي ۽ شڪارپور اسپتال ۾ اڃا تائين ايم ايس مقرر ناهي ڪيو ويو. شهريار مهر چيو ته شڪارپور واقعي تي سياست بدران حالتن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ايڪي جي ضرورت آهي، وڏو وزير اڳرائي ڪري سڀني کي گڏ ڪري مشاورت سان حڪمت عملي طئي ڪري. صوبائي وزير نثار کهڙي، ڄام مهتاب ڏهر، ساجد جوکئي، عبدالستار راڄپر ۽ ٻين حڪومتي ميمبرن شڪارپور سانحي تي افسوس جو اظهار ڪيو. نثار کهڙي چيو ته سانحي تي سڄي سنڌ سوڳوار آهي، واقعي جي ذميواري صوبائي حڪومت تي وجهي سياست نه چمڪائي وڃي. سندس چوڻ هو ته شڪارپور سانحي تي پوائنٽ اسڪورنگ ڪرڻ بدران دهشتگردي جي خاتمي بابت تجويزون ڏنيون وڃن. صوبائي وزير چيو ته جنرل ضياءَ جي دور ۾ ملڪ هٿيار ۽ هيروئن جي منڊي ۾ تبديل ٿيو، جڏهن ته بينظير ڀٽو جي حڪومت ملڪ کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ مهم هلائي. نثار کهڙي چيو ته ملڪ کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ واري مهم تي ڪنهن ڌيان نه ڏنو، قرآن شريف هڪ انسان جي قتل کي سڄي انسانيت جو قتل قرار ڏئي ٿو. هن چيو ته شڪارپور واقعي تي تنقيد ڪندڙ ٻــُڌائين ته مهراڻ بيس ۽ جي ايڇ ڪيو واقعن جا ذميوار ڪير آهن؟ نثار کهڙي چيو ته حڪومت تي تنقيد ڪندڙن غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي رجسٽرڊ ڪرڻ جي ڳالهه نه ڪئي، پرڏيهين کي جڏهن ڪراچي مان ڪڍڻ جي ڳالهه ڪئي وئي ته ڪنهن دفاع ڪيو؟ صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو ته حڪومت دهشتگردي خلاف قدم کڻي رهي آهي،اسيمبلي فلور تي سهڪار وٺڻ باوجود اڄ تائين ڪنهن تجويزون پيش نه ڪيون ۽ نه ئي ڪو مشورو ڏنو. سهراب سرڪي چيو ته سنڌ ۾ انٽيليجنس نظام کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اجتماعي ڪوششون ڪرڻيون پونديون. پ پ ميمبرن چيو ته جنرل ضياءَ جو متعارف ڪرايل ڪلچر جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ پرڏيهين جي وڌندڙ آبادي تي نظر رکڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پرڏيهين کي نادرا پاران سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته سنڌ کي پرڏيهين کان پاڪ ڪرڻ کانسواءِ امن قائم ٿيڻ ممڪن ناهي. متحده ميمبرن سيد سردار احمد، فيصل سبزواري، خواجا اظهار الحسن، عبدالحسيب، پونجو ڀيل شڪارپور واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته شيعا برادري کي منظم انداز ۾ نشانو بڻايو پيو وڃي. هنن چيو ته دهشتگردي بلوچستان کان شڪارپور پهچي وئي، مذهبي ۽ اقليتي برادري جي عبادتگاهن جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي. سندن چوڻ هو ته سنڌ حڪومت کي پنهنجو انٽيليجنس ادارو ٺاهڻ گهــُرجي، وفاق تي ڀاڙي سڪيورٽي بهتر نه ٿي بڻائي سگهجي. هنن چيو ته شڪارپور سانحي مان ثابت ٿئي ٿو ته حملو ڪندڙ کي سهولت ڪار جي سپورٽ حاصل هئي، ڪراچي آپريشن جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌايو وڃي. متحده ميمبرن چيو ته شڪارپور سانحو صوبي ۾ دهشتگردي جو پهريون واقعو ناهي، ڪراچي ۾ جڏهن دهشتگردي ٿيندي آهي ته ڪنهن کي احساس ناهي ٿيندو، سنڌ ۾ افغانين جي آبادڪاريءَ جو نوٽيس ورتو وڃي. ن ليگ ميمبر سورٺ ٿيٻي چيو ته شڪارپور واقعي حڪومتي غفلت جو ڀانڊو ڦاڙي ڇڏيو، مستبقل ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. شڪارپور سانحي خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ٿيڻ بعد اسپيڪر اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *