سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ صوبي کي 1991 جي پاڻي جي ٺاهه تحت پاڻي نه ملڻ جي خلاف هڪ مذمتي ٺهراءُ منظور

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ اسيمبلي سومر تي پنهنجي اجلاس ۾ سنڌ صوبي کي 1991 جي پاڻي جي معاهدي تحت پاڻي نه ملڻ جي خلاف هڪ مذمتي ٺهراءُ منطور ڪري ورتو آبپاشي واري صوبائي وزير سهيل انور سيال ٺهراءُ پيش ڪندي سنڌ جو پاڻي روڪڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ چيو ته سنڌ سان 2003 کان لاڳيتو زيادتي ٿي رهي آهي پنجاب جي شرٽيج 9 سيڪڙو آهي جڏهن ته سنڌ جي کوٽ 44 سيڪڙو آهي هن چيو ته اسان اهو نٿا چاهيون پنجاب ۽ ٻين صوبن جو حصو اسان کي ملي پر اسان جو اهو چوڻ آهي ته اسان کي رڳو پنهنجي حصي جو پاڻي ملي هن چيو ته ڪوٽڙي ۾ پاڻي ڇڏڻ لاءِ چيو پيو وڃي جنرل مشرف ڪوٽري ۾ هڪ اسٽيڊي ڪرائي هئي جنهن کان پوءِ چيو ويو هو ته 5000 ڪيوسڪ ڪوٽڙي ۾ ڇڏيو ويندو سهيل انور سيال چيو ته سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي مٺو پاڻي گهٽجي ويو آهي اڄ رڳو ڪوٽڙي ۾ شارٽيج آهي اها 60.6 سيڪڙو شارٽيج آهي اسان وڌيڪ نه پيا گهرون پنجاب جي فارمولي کي تسليم ڪيو پيو وڃي. اهو سراسر غيرقانوني آهي هن چيو ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ نه ڪرائڻ ارسا جي نااهلي آهي ارسا جي نااهلي جي ڪري پاڪستان جهڙي زرعي ملڪ کي هاڻي چانور فطري جي مد ۾ وٺڻو پوي ٿو. سنڌ سان زيادتي نه ٿيڻ گهرجي ٺهراءُ جي حمايت ۾ خيالن جو اظهار ڪندي پيپلزپارٽي جي هير سوهو چيو ته سنڌ ۾ جيڪڏهن پاڻي نه آهي ته تباهي آهي اسان هٿ جوڙي چئون ٿا پاڻي جي کوٽ جي ڪري فصل جو مسئلو آهي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سان هزارين ايڪڙ زمين بنجر ٿي ويئي آهي ارسا ڇا ٿو چاهي، ڇا سنڌ جا ماڻهو وري احتجاج ڪندا. پي ٽي آءِ جي باغي ميمبر شهريارشر جنهن اهم مسئلي تي پيپلزپارٽي جي حڪومت جي موقف جي حمايت ۾ تقرير شروع ڪئي ته پي ٽي آءِ ميمبرن ان جي تقرير دوران سخت گوڙ ۽ احتجاج شروع ڪري ڇڏيو شهريار جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي پاليسين جي ڪري مان بغاوت ڪئي هاڻي پنهنجو حق وڙهي وٺندس هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته سنڌ پنجاب باردر بند ڪيو وڇي ڇو ته اسان سنڌ کي بنجر نه ٿيڻ ڏينداسين ان موقعي تي پي ٽي آءِ ميمبرن پاران لوٽو لوٽو جا نعرا هنيا ويا جنهن جي جواب ۾ حڪومتي ميمبرن پي ٽي آءِ کي جهانگير ترين گروپ جي سرگرمين جو مهيڙو ڏنو شبير بجاراڻي چيو ته جهانگير ترين پنهنجو ڌار گروپ ٺاهي ورتو آهي ان جو چوڻ هو ته اسان تي ناراض ٿيڻ بدران پهريان جهانگير ترين کي سنڀاليو پي ٽِ آءِ جي ذوالفقار شاهه چيو ته حفيظ شيخ، شوڪت ترين، حليم عادل شيخ به لوٽو آهي هن چيو ته شهريار شر سنڌ جو سچو پٽ آهي هن چيو ته وفاقي حڪومت پهريان پنهنجي صفحن ۾ لوٽا تلاش ڪري پوءِ ٻين جي ڳالهه ڪري عبدالباري پتافي چيو ته جيڪڏهن زراعت تي ڪم ڪرڻو آهي ته پهريان پاڻي تي ڪم ڪريو سمورن صوبن کي انهن جو حق ڏيو ته جيئن سڀ زراعت ۾ بهتر ڪم ڪري سگهن هن چيو ته انگريزن به سڌودرياهه تي سنڌ جو حق ڪنهن کي نه ڏنو سنڌو درياهه تي سنڌ جي ماڻهن جو هق آهي ۽ ان کان پوءِ ڪي قانون آيا ته سنڌ جي ماڻهن پنهنجي دل تي پٿر رکي قبول ڪيو 41 سيڪڙو کوٽ اسان ڀوڳي رهيا آهيون جيڪڏهن حصي مطابق اسان کي شارٽيج ملي رهي آهي ته پوءِ ٺيڪ آهي. سنڌو درياهه جي ماڻهن جو پاڻي چوري ڪيو وڇي ٿو اهو ٺيڪ نه آهي هن چيو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ آهي پاڻي اسان جي لائف لائن آهي وفاق اسان کان اسان لائف لائين کسڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پي ٽي آءِ ميمبر محمد علي ٺهراءُ جي مخالفت ڪئي ته سهيل انور سيال جارحاني انداز ۾ چيو ته جيڪو پاڻي جي اشو تي صوبي جي مخالفت ڪندو ان جي گهر ۾ گهڙنداسين هن پي ٽي آءِ ميمبرن طرف اشارو ڪندي چيو ته انهن ماڻهن کي سنڌ جي پاڻي جي مخالفت ڪندي شرم اچڻ گهرجي سهيل انور سيال چيو ته اوهان جا ايم اين ايز قومي اسيمبلي ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ کي تسليم ڪري رهيا آهن هي مخالفت ڪري رهيا اهن سهيل انور سيال پي ٽي آءِ ميمبرن طرف ڪاوڙ ۾ وڃڻ لڳو ته کيس سندس ساٿين روڪي ورتو صوبائي وزير سردار شاهه خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ وڏي وزير ڪيترائي ڀيرا آواز اٿاريو آهي جي ڊي اي جو وفاقي وزير ميمبر ڪير آهي اها آواز ڇو نٿي اٿاري وائسراءِ پنجاب جي پروپوزل کي 3 ڀيرا رد ڪيو هو اسان کان پڇا ڪرڻ بنا اسان جا درياهه وڪرو ڪري ڇڏيا. هن چيو ته منگلا جي متاثرن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو ڇا سنڌ يتيم خانو آهي اسان جو 60 سيڪڙو پاڻي بچيو آهي، ڊيلتا جو پريشر سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ٿو واٽر ليول وڌي رهيو آهي پاڪستان هڪ فيڊريشن آهي هن اسان برابري جي بنياد تي بيٺا آهيون اسان خيرات نه پيا گهرون پر مطالبو ڪيو ٿا ته اسان کي اسان جا حق ڏيو مذمتي ٺهراءُ پاس ٿيڻ کان پوءِ سنڌ اسيمبلي اجلاس سڀاڻي 2 وڳي تا.ئين ملتوي ڪيو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *