سنڌ اسيمبلي ۾ رڳو هڪٻئي جا پٽڪا لاهڻ لاءِ بحث ٿيندو آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس سُڌارن واري ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ رڳو هڪٻئي جا پٽڪا لاهڻ لاءِ بحث ٿيندو آهي، اخبارن ۾ اچي پيو ته حڪومت ۽ اپوزيشن متفق نه آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ پوليس ۾ سُڌارن واري معاملي تي وزيرن ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. اي جي سنڌ عدالت کي آگاهي ڏني ته پوليس آرڊر 2002ع جي بحاليءَ لاءِ بل سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو آهي. جسٽس حسن اظهر ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسيمبلي ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، رڳو هڪٻئي جا پٽڪا لاهڻ لاءِ بحٿ ٿيندو آهي. جسٽس حسن اظهر رمارڪس ڏنا تھ 3 مهينا ٿي ويا آهن، عدالتي حڪم تي عمل نه پيو ٿئي، ڪير آهي جيڪو رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي؟ ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي درخواست ڪئي ته ٿورو وقت ڏنو وڃي، اُميد آهي ته بل اسيمبلي مان جلد پاس ٿي ويندو. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اخبارن ۾ اچي رهيو آهي ته پوليس ۾ سُڌارن واري معاملي تي حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ اتفاق ناهي، اي جي سنڌ ٻيهر درخواست ڪئي ته توهان موقعو ڏيو، بل پاس ٿي ويندو.  عدالت ، سنڌ پوليس ۾ سُڌارن جي حوالي سان قانون سازي لاءِ حڪومت کي 21 مئي تائين مهلت ڏئي ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *