سنڌ اسيمبلي ۾ دهشتگردي جو خطرو، اسپيڪر ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ کي خط لکي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي کي سيڪيورٽي جا سخت خطرا درپيش آهن . اهڙو اظهار هن ڪالهه اسيمبلي اجلاس دوران ڪيو ، هن چيو ته ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ پوليس کي پڻ ان حوالي سان خط لکيو آهي ۽ انهن کي چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي . اسپيڪر چيو ته ڊي جي رينجرز ۽ سنڌ  پوليس کي ٻڌايو آهي ته ڪهڙن هنڌن تان اسيمبلي کي خطرا ٿي سگهن ٿا. اسيمبلي جي چوڌاري وارا رستا غير محفوظ آهن. هن چيو ته اسيمبلي جي وڏي اهميت آهي ان ڪري مان ايوان کي اعتماد ۾ وٺي رهيو آهيان . مخالف ڌر جي اڳواڻ شهر يار خان مهر چيو ته مون کي به خطرو آهي پر حڪومت مون کي سيڪيورٽي فراهم نٿي ڪري جيڪو منهنجو استحقاق آهي. هن چيو ته اسيمبلي کي ته محفوظ بنايو ٿو وڃي پر اسان جي تحفظ جو ڪنهن کي به خيال ناهي . اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته اسان حڪومت کي لکنداسين ته هو توهان کي سيڪيورٽي فراهم ڪري . اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ حڪومت پاران مخالف ڌر جي اڳواڻ کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي يقين دهاني ڪرائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *