سنڌ اسيمبلي ۾ خيرپور ٽريفڪ حادثي ٽي حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن جو ڏک جو اظهار ، روڊ جو ڪم فوري مڪمل ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ خيرپور ٽريفڪ حادثي ۾ ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي نيشنل هاءِ وي جو ترقياتي ڪم فوري مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو ته قومي شاهراهه تي 50 ڪلوميٽر تي ايمرجنسي سينٽر قائم ڪيا وڃن اڱاري تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آعا سراج دراني جي صدارت۾ ٿيو قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ نعت مقبول صلعم کان پوءِ خيرپور ٽريفڪ حادثي ۾ فوتين لاءِ دعا گهري ويئي ان موقعي تي سنڌ حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن خيرپور بس حادثي کي نهايت افسوسناڪ قرار ڏيندي متاثرين کي فوري معاوضو ڏيڻ ۽ زخمين کي علاج جي سهولت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو ته شروعاتي جاچ ۾ ڊرائيور جي غفلت جي خبر پئي آهي زخمين کي علاج جي سهولت ڏني پئي وڃي خواجه اظهارالحسن قومي شاهراهه تي ٿيل ٽريفڪ حادثو جو حوالو ڏيندي چيو ته روڊ سيفٽي لاءِ سنڌ اسيمبلي جي قرارداد تي عمل ناهي ٿيو اسپيڪر سنڌ اسيمبلي جي رولنگ تي شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته چيف سيڪريٽري سنڌ کان قرارداد تي عملدرآمد لاءِ انتظامن بابت معلوم ڪيو ويندو مخالف ڌر اڳواڻ شهريار مهر ۽ ٻين اپوزيشن ميمبرن مطالبو ڪيو ته هاءِ وي جي اڏاوت فوري مڪمل ڪئي وڃي نصرت سحر عباسي چيو ته بس حادثي جو ڪمشنر سکر ٻن ڪلاڪن کان پوءِ نوٽيس ورتو ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ستل هو ۽ ان بس حادثي جو ڪوئي نوٽيس ناهي ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *