سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن جو احتجاج ۽ گوڙ، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو، ايجنڊا جون ڪاپيز ڦاڙي اُڇليون ويون

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ اربع تي اپوزيشن پارانلاڳيتو گوڙ ۽ احتجاج جو سلسلو جاري رهيو. ايوان جي ڪارروائي جي شروعات ۾ ئي اپوزيشن ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي گوڙ شروع ڪري ڏنو ايجندا جون ڪاپيون ڦاڙي اڇلايون ويون ۽ مخالف ڌر اڳواڻ ايوان ۾ پنهنجو ميگا فون کني آيو جنهن تي سرڪاري ميمبرن سخت ردعمل ڏيندي چيو ته اڄ هي ميگا فون کڻي آيو آهي، سڀاڻي هي هٿيار به کڻي اچي سگهي ٿو تفصيل موجب سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اربع تي ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري جي صدارت ۾ ڏيڍ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو ته اپوزيشن پاران ان ڳالهه تي اعتراض ڪيو ويو ته ڪارروائي شروع ڪرڻ ۾ غير ضروري طور ايتري دير ڇو ڪئي وئي آهي ان موقعي تي اپوزيشن ميمبر گوڙ ڪندي اسپيڪر جي سيٽ آڏو گڏ ٿي ويا. حليم عادل شيخ چيو ته هي ڪهڙو طريقو آهي جو صاحب به ماڻهن جو انتظار ڪيو وڇي جڏهن اهي اچن ته اجلاس شروع ٿئي. دعا جي وقفي دوران عبدالرشيد چيو ته لياري ۾ رتوڇاڻ شروع ٿي وئي آهي علائقي ۾ مظاهري تي موٽر سائيڪل سوارن سڌي فائرنگ ڪئي. لياري ۾ هٿياربند گهمي رهيا آهن دعا ڪريو ته ظالمن ڀتي خورن کان نجات ملي ايوان جي ڪارروائي دوران ميمبرن پاران دلچسپ دعائون به ڪيون ويون ايم ڪيو ايم جي محمد حسين چيوت ه دعا ڪريو ته الله ڊپٽي اسپيڪر کي ايجنڊا پوري ڪرڻ جي توفيق ڏي جڏهن ته پيپلزپارٽي جي هير سوهو جواب ۾ دعا ڪرائي ته سنڌ حڪومت جي خلاف سازشون ڪندڙ برباد ٿين پي ٽي آئي جي رب الستان قبضا مافيا جي خلاف دعا جي اپيل ڪئي پ پ جي نعيم کرل چيو ته ننڍا وڏا مسئلا هر سياسي پارٽي ۾ ٿيندا آهن فهميده سيال منهنجي مائٽ آهي ڪنهن ان تي سياست نه ٿيڻ گهرجي ڪارروائي دوران اپوزيشن جي احتجاج تي ردعمل ڏيندي مڪيش ڪمار چيو ته اپوزيشن ايوان ۾ غير پارليماني رويو اختيار ڪري ڇڏيو آهي ڊپٽي اسپيڪر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اسيمبلي ميمبر قائده پڙهي نٿا اچن مڪيش ڪمار وزيراعظم کي ڪٺپتلي ڪوٺيندي چيو ته ڪالهه هڪ وفاقي وزير ڪڻڪ چوري بابت غلط بيان ڏنو آهي هن چيو ته وفاق ۾ چور ويٺا آهن، سنڌ ۾ ڪائي ڪڻڪ چوري ناهي ٿي ايل اين جي چور ته وفاقي حڪومت ۾ ويٺا آهن صوبائي وزير چيوت ه سنڌ حڪومت ڪڻڪ تي 25 ارب رپين جي سبسڊي ڏني آهي هن چيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي ساليانو خريداري ئي 12 لک ٽن ٿئي ٿي ڪيئن ممڪن آهي ته 16 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ سنڌ مان چوري ٿي وڃي. هن چيو ته انڪوائري ته اها ڪئي وڃي ته 68 لک ڪڻڪ چوري ڪيئن ٿي وڏا ڪوئا وفاقي ڪابينه ۾ ويٺا آهن سنڌ مان 16 لک ٽن ڪڻڪ چوري ٿي جيڪو ڪوڙ ڳالهايو ويو ۽ وفاقي ڪابينه ۾ ويهي غلط بريفنگ ڏني وئي مڪيش ڪمار جي اهڙن چڙ ڏياريندڙ لفظن تي اپوزيشن ميمبر مڇرجي پيا ۽ انهن گوڙ شروع ڪيو ڊپٽي اسپيڪر حليم عادل شِخ ۽ اپوزيشن جي ٻين ميمبرن جا مائڪ بند ڪرائي ڇڏيا انموقعي تي حليم عادل سيخ کي پنهنجو ميگا فون هٿ ۾ هو جيڪو هو اسيمبلي ۾کني آيو هو ڊپٽي اسپيڪر مائڪ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي خواجه اظهارالحسن کي ڏئي ڇڏي ان موقعي تي احتجاج ڪندي پي ٽي آئي ميمبرن ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون اويس قادر شاهه چيوت ه هي ماڻهو اڄ ايوان ۾ ميگا فون کني آيو آهي سڀاڻي ڪوئي هٿيار به کڻي اچي سگهي ٿو ان لاءِ هر شئي کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ايوان ۾ سيڪيورٽي ڇا ڪري رهي آهي اسپيڪر پنهنجا اختيار استعمال ڪري ايوان جو ماحول خراب ٿي رهيو آهي خواجه اظهار ان ڳالهه تي ڏک ڪيوت ه اڄ ٻنهي طرفن کان دعا جي وقفي ۾ بددعائون ڏنيون ويون. هن چيو ته اسپيڪر جي چيئر به ڪمپرومائس نه ٿيڻ گهرجي سنڌ جي وڏي وزير کي ڪيترن ئي معاملن ۾ اپوزيشن ليڊر سان گڏ ويهڻو هوندو اهي حليم عادل شيخ چيو ته ايوان ۾ اپوزيشن کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اسٽيڊنگ ڪميٽي ۾ اسان جو هڪ به ميمبر نه آهي ناظم جوکيو تي ٺهراءُ اڻڻ چاهيون پيا شرجيل ميمڻ چيو هو ته آڻيداسين پر ڪجهه نه ٿيو هن چيو ته 40 سيڪڙو سنڌ جي نمائندگي اسان وٽ آهي، اسلام آباد ۾ اوهان جا نمائندا ڳالهائين ٿا اسان هائوس کي هلائڻ چاهيون ٿا پر ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ ۾ جمهوريت جو جنازو نه نڪري، آغا صاحب جي ياد آئي تيري جاني کي بعد، هن چيو ته آغا صاحب ڪو اجلاس هلائي رهيو آهي. ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڪڏهن پابندي ناهي ڏٺي هن ڊپٽي اسپيڪر کي چيو ته اوهان اسان جي ڀيڻ آيو پر اپوزيشن ليڊر جو مائڪ بند نه ڪيو وڃي. اپوزيشن ميمبرن جو حق آهي انهنکي موقعو ڏنو وڃي حليم عادل شيخ جي ڳالهين جو جواب ڏيندي مڪيش ڪمار چيو ته جمهوريت ته سڄي ملڪ ۾ خطري ۾ آهي. اپوزيشن کي قائمه ڪميٽين ۾ نمائندگي تي اسان کي ڪوئي اعتراض نه آهي. محمد حسين چيو ته ايوان جي بزنس ايڊوائزري ڪميٽي ٺهي هئي هن سيشن کان اڳ بزنس ايڊوائزري ڪميٽي جو اجلاس ڇو نه ٿيو. اوهان جيڪڏهن بزنس ايڊوائزري ڪميٽي جو اجلاس گهرايو ته اجلاس بهتر هلي سگهي پيو. سيد عبدالرشيد چيو ته منهنجو قانوني حق آهي ته مان پبلڪ جي مسئلن تي ڳالهه ڪريان لياري ۾ نالي مٿان پيپلزپارٽي جي آفيس ٺهيل آهي رات احتجاج لاءِ نڪتاسين ته گوليون هلايون ويون پاڻي جي لائين ڪٽي وئي،. ٿاڻي وياسين ته ايس ايڇ او چوي ٿو ته واٽر بورڊ غلط لائين لڳائي آهي هنچ يو ته لياري جي ماڻهن کي جيئڻ جو حق آهي لياري ۾ منشيات وڪرو ٿي رهي آهي. لياري جا ماڻهو پنهنجي حق لاءِ نڪرندا گوليون هلائيندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *