سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن جو احتجاج، ايوان مان واڪ آئوٽ، شيم شيم جا نعرا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر ۽ ايم ڪيو ايم ڌار ڌار احتجاج ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو، جڏهن ته ايوان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو. سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي چئن ميمبرن به شرڪت ڪئي جن 19 سيپٽمبر 2014ع تي استعيفائون ڏئي ڇڏيون هيون. پيپلز پارٽي ۽ فنڪشنل ليگ طرفان تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي آجيان ڪئي.  اسپيڪر آغا سراج دراني پي ٽي آءِ ميمبرن جي واپسي جي آجيان ڪندي چيو ته آصف علي زرداري جي ڪوششن سان مسئلو حل ٿيو. اجلاس دوران فنڪشنل ليگ ميمبر نصرت سحر عباسي ۽ اسٽيوٽا جي چيئرمين شاهد ٿهيم ۾ ڏند چڪ ٿي. شاهد ٿهيم نصرت سحر عباسي جي سوالن جا جواب ڏيڻ کان لنوائي ويو جنهن تي فنڪشنل ليگ ميمبر احتجاج ڪيو. سوالن جوابن جي وقفي بعد اعتراض وارو نقطو شروع ڪرڻ واري معاملي تي بحث ٿيو. ايم ڪيو ايم ميمبر محمد حسين اعتراض واري نقطي تي مسئلا اٿارڻ جي حق ۾ دليل ڏنا. سينيئر وزير نثار کهڙي اعتراض واري نقطي تي مسئلا اٿارڻ بدران رٿ پيش ڪرڻ جي حق ۾ دليل ڏنا. سيد سردار احمد، نثار کهڙو، محمد حسين ۽ ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا اعتراض واري نقطي ۽ ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي بحث ۾ اَٽڪـَي پيا. سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي جي بيان تي مخالف ڌر احتجاج ڪيو جنهن بعد گوڙ پيدا ٿي ويو. ڊپٽي اسپيڪر اپوزيشن ميمبرن جا مائيڪ بند ڪرائي ڇڏيا، جڏهن ته مخالف ڌر جي ميمبرن ان باوجود احتجاج جاري رکيو. نثار کهڙي جي بيان ۽ ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي فنڪشنل ليگ ميمبرن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو جڏهن ته نون ليگ ميمبرن به ساٿ ڏنو. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته اپوزيشن ميمبرن کي پنهنجي رويي تي معافي وٺڻ گهرجي، اسيمبلي قاعدن جي جوڙجڪ ۾ حصو وٺندڙ قاعدن جي ڀڃڪڙي رهيا آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته احتجاج ڪرڻ سڀني جو حق آهي پر قاعدن جون ڪاپيون ڦاڙي ايوان ۾ اڇلائڻ شرم جوڳو عمل آهي. اسپيڪر آغا سراج دراني به اپوزيشن ليڊر جي رويي کي شرمناڪ قرار ڏيندي چيو ته شهريار مهر کي هـُن سان ڪو مسئلو آهي. اسپيڪر چيو ته جن ميمبرن اسيمبلي قاعدن جون ڪاپيون ڦاڙيون انهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. اجلاس دوران نائين زيرو تان گرفتار ڪارڪنن سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي ايم ڪيو ايم ميمبرن به احتجاج ڪيو ۽ ڪجهه دير لاءِ ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو. ان کان اڳ قائدآباد فلاءِ اوور هيٺان حددخلين خلاف ايم ڪيو ايم جي وقار شاهه ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. وقار شاهه چيو ته حددخلين خلاف آپريشن اوچتو ڇو روڪيو ويو؟ جنهن تي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته قائدآباد ۾ حددخلين خلاف آپريشن ٿي رهيو آهي. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ 60 سيڪڙو حددخلين جو خاتمو آندو ويو آهي باقي 40 سيڪڙو اپريل جي آخر تائين ختم ڪيون وينديون. پيپلز پارٽي جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پ پ ميمبر خير النساءُ مغل ايوان ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. اجلاس ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر ايوان جي وڌيڪ ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *