سنڌ اسيمبلي ۾ الطاف حسين ۽ بينظير ڀٽو يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ بل منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ الطاف حسين ۽ بينظير ڀٽو يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ ٻه بل اڪثريتي راءِ سان منظور ٿي ويا، اجلاس دوران بجلي بند هجڻ تي ڊپٽي اسپيڪر بل ٽارچ جي روشني ۾ پڙهيو سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت ۾ ٿيو، حيدرآباد ۾ الطاف حسين يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو بل پيش ڪيو ويو ته ميمبرن اڪثريت راءِ سان ان جي حق ۾ فيصلو ڏيندي ان کي منظور ڪيو ايوان کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبر رئوف صديقي چيو تهڪنهن دور ۾ الطاف حسين جي يونيورسٽي ۾ داخلا بند هئي پر هي انهي جي ڪوششن جو نتيجو آهي، رئوف صديقي الطاف حسين يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ آصف زرداري ۽ ملڪ رياض ۽ ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو جو به شڪريوادا ڪيو، پيپلز پارٽي جي اسيمبلي ميمبر اشفاق منگي ايوان کي خطاب ڪندي مطالبو ڪيو ته ڪشمور ۽ دادو ۾ به يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي ان کانپوءِ ايوان جي بجلي بند ٿي وئي، جنريٽر جو انتظام نه هجڻ سبب پيش ڪيل شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جو بل ٽارچ جي روشني ۾ پڙهيو ويو ۽ اڪثريت راءِ سان منظور ٿيو، اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ جعلي عاملن خلاف قرارداد به پيش ٿي ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبر ڪامران اختر قرارداد پيش ڪندي مطالبو ڪيو ته جعلي عاملن خلاف ڀرپور ڪارروائي جي ضرورت آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *